گهوٽڪي :قومي شاھراھ تي ٽول پلازا  ڀرسان خوفناڪ حادثو،3 ڄڻا فوت ،4 زخمي

گهوٽڪي ڀرسان قومي شاھراھ تي ٽول پلازا وٽ ٻن ٽرالن ۽ مزدا وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾  ٽرالر ۽ مزدا ۾ سوار ٽي ڄڻا ٿڏي تي فوت ۽  چار ڄڻا زخمي ٿي پيا ، فوتين ۾ اسد نواز ,محمد شعبان ,۽ بلاول شامل آھن جڏھن ت زخمين ۾ دلاور,اياز راجپوت,اعجاز ۽ ڪاشف گجر شامل آھن, حادثي کانپوءِ  فوتين ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال گھوٽڪي منتقل ڪيو ويو ، هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته حادثو بيٺل ٽرالر کي پويان آيل ٽرالر جي ٽڪر لڳڻ سبب پيش آيو

رپورٽ- آزاد مهر

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.