نوشهروفيروز :پوليس تشدد ۾ فوت ٿيل نوجوان جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف احتجاج

نوشهروفيروز ڀرسان ڳوٺ هاشم کوسو جي رهواسين پاران پوليس جي تشدد ۾ فوت ٿيل نوجوان جو ڪيس داخل نه ڪرڻ، ڊاڪٽر پاران ڪوڙي پوسٽ مارٽم رپورٽ ڏيڻ ۽ نوشهروفيروز پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن حاجي خان کوسو، عزيزالله، ممتاز کوسو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڊي ايس پي مورو عبدالله لاکير، ايس ايڇ او سڌوجا سڪندر چانگ پوليس اٽالا ساڻ ڪري انهن جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ٻن نوجوانن محمد يوسف ۽ معشوق کوسو کي زبردستي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن دوران تشدد ڪرڻ تي نوجوان محمد يوسف ٿڏي تي فوت ٿي ويو هو پر هن وقت تائين ايف آءِ آر داخل نه ڪئي وئي آهي نه ئي تشدد ۾ ملوث پوليس آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث پوليس عملدارن کي گرفتار ڪري انهنکي انصاف ڏياريو وڃي.

رپورٽ- ايم ظفر تڳر

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.