ڪنب ۾ نينگر سان بدفعلي الزام هيٺ آيل جي وارثن جو احتجاج

ڪنب ( ن ع آ )ڪنب ٿاڻي جي حد  ڳوٺ  حاجي امام بخش پلھه ۾ ڪجھه ڏينهن اڳ  نينگر سان زيادتي ڪرڻ جي الزام هيٺ  گرفتارٿيل  عبدالڪريم عرف مٺو جي وارثن  پاران سندس والد ڪيهر پلھه غلام محمدپلھه، مٺل پلھه، حفيظ پلھه ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي ئي برادري جي ماڻھن  اسان جي  نوجوان تي نينگر سان ڏاڍائي جو الزام هڻي گرفتار ڪرايو آھي جڏهن ته  ميڊيڪل رپورٽ اچڻ کان اڳ ئي ان کي بااثرن سان ملي ڪري جوابدار قرارڏنو پيو وڃي هنن چيو ته اسان هنن وٽ نياڻيون ميڙ ۽ معززين پڻ  وٺي وياسين پر هنن ڪنهن کي به  مان نه ڏنو   هنن چيوته جيڪڏهن نينگر سان ڏاڍائي جوالزام اسان جي نوجوان تي ثابت ٿئي ته ڀل کين ان کي سزاڏني وڃي، هنن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي سکر  ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نينگر سان زيادتي واقعي جي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.