قاضي احمد پوليس تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو، نوجوان جي وارثن جو مظاهرو

قاضي احمد ( رپورٽ:  مومن جوڻو ) شوڪت ڪالوني قاضي احمد واسڻ ٻڍڙي مسمات امڻان خاتون پنهنجي نياڻين، پٽن، پوٽن ۽ ڏوهٽن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد قاضي احمد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڇهھ ڏينهن اڳ پوليس اهلڪارن قاضي احمد ٿاڻي جي وڏي منشي صالح ڪلهوڙو، قاضي احمد سٽي انچارج فضل بروهي، مبين بالادي، ممتاز لاکو، حسين چانڊيو ۽ ٻين اھڪارن بلا جواز بنا ڪنھن وارنٽ جي  اسان جي گھرن تي چڙھائي ڪري الھڏتو جتوئي کي کنڀي کڻي کيس گم  ڪري ڇڏيو، جنهن بعد اسان سڄي رات ان جي ڳولا ڪئي، پر ان جو ڪوبه ڏس پتو پئجي نه سگھيو، صبح جو سندس لاش برساتي پاڻي جي کڏ مان ھٿ آيو، جيڪو بدبودار بڻجي چڪو هيو، ان موقعي تي فوتي الهڏتو جي ڀائرن حمير حمزو، سليم رضا، ڀيڻ ارباب خاتون ءِ ٻين الزام هڻندي چيو ته اسان جي نوجوان ڀاءُ کي مٿين پوليس اهلڪارن بيدرديءَ سان قتل ڪري لاش برسات جي گندي پاڻيءَ ۾ اڇلائي وڏو ظلم ڪيو آهي، قانون جي رکوالن پاران ڪيل اهڙي ڪريل عمل خلاف اسان سرڪاري اسپتال سامهون قومي شاھراھ تي لاش رکي احتجاج ڪيو، جنھن تي ايس ايڇ او قاضي احمد مقصود رضا مڱڻهار ۽ ڊي ايس پي سراج دايو اسان کي ڪلمو ڀري پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏيندي يقين ڏياريندي توهان سان انصاف ڪيو ويندو سڀاڻي فوتي جي تڏي تي پھچي ملوث اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو توهان احتجاج ختم ڪري لاش کي دفنائي اچو ، 6 ڏينهن  گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن جي ڌر بڻيل آهن،چيف جسٽس ۽ آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرائين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.