راڻيپور ۾ بدامني، هڪ ئي ڏينهن ٻه موٽر سائيڪلون چوري

راڻيپور ( ن ع آ )راڻيپور ۾ موٽر سائيڪلون چوري ٿيڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي جنهن سلسلي ۾ گذريل ڏينهن تي ڳوٺ علي آباد ڀرسان هوٽل جي هڪ بورچي پيرل وساڻ جي نئين موٽرسائيڪل نامعلوم چاٻي چور ڏينهن ڏٺي ڪاهي فرار ٿي ويا ته ٿوري دير کان پوء پيروسڻ کان آيل مال جي واپاري نسيم ڦل جي به هونڊا موٽر سائيڪل چوري ٿي وئي اهڙي واقعي جي اين سي به داخل ڪرائي وئي آهي،  جڏهن ته پوليس جي نااهلي سبب ڪجھه ڏينهن ۾ لاتعداد موٽر سائيڪلون چوري ٿي ويون آهن ايس ايس پي خيرپور واقعي جو  نوٽيس وٺي متاثرن کي گاڏيون واپس ڪرائي ڏئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.