ٽنڊي آدم ۾ ٻيراڻي ڦاٽڪ بند ٿيڻ سبب هزارين گهرن جا لنگهه بند، احتجاج

ٽنڊوآدم (ت ر) ريلوي اختيارين پاران شهيد بينظير ڀٽو اوور هيڊ برج ٺهڻ جو جواز ڄاڻائي شهر جي  ٻيراڻي  روڊ جو قديمي ڦاٽڪ بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب ڳوٺ خير محمد مري ، ريلوي ڪالوني ، رحمان ٽائون ،  گلبرڪ هائوسنگ اسڪيم جي 2 هزارن گهرن جي رهواسين جو لنگھ بند ٿيڻ سميت ٻيراڻي چوڪ ، ڄام تماچي ريسٽ هائوس ، بينظير چوڪ ۽ ٻين علائقن جي سوين دڪاندارن جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي جنهن ڪري دڪاندار بيروزگار ٿي ويا آهن   متاثرن حاجي خان سولنگي ، گل ميمڻ ۽ ٻين پريس ڪلب پهچي دانهيو ته ريلوي اختيارين اوور هيڊ برج ٺهڻ جو جواز ڄاڻائي ڦاٽڪ کي بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان نه صرف ڪاروبار تباھ ٿيو آهي پر پنڌ هلندڙن لاءِ به گس ناهي بچيو ٻارڙا پنڌ اسڪول ۽ مدرسن ۾ وڃن ٿا جن کي پريشاني آهي  هنن گهر ڪئي آهي ته ڦاٽڪ کي کولي شهرين کي سهولت ڏني وڃي  شهرين جي مطالبي تي ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه ريلوي اختيارين کي خط لکي ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ اي سي اعجاز جتوئي ٻڌايو ته ڦاٽڪ بند ٿيڻ سبب شهرين کي مشڪلاتون آهن ڊي سي سانگهڙ ريلوي اختيارين کي لکيو آهي ته ڦاٽڪ کوليو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.