ڳڙهي ياسين ڀرسان جھيڙي جو نبيرو، 5 لک ڏنڊ مقرر، ڌريون راضي

ڳڙهي ياسين (ن ع آ) ڳڙهي ياسين ڀرسان ڳوٺ دين پور ۾ سردار شفقت حسين منڱراڻي جي سرپئنجي هيٺ معرفاڻي برادري  ٻن ڌرين زريف معرفاڻي ۽ مولا ربن معرفاڻي وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو ، جنهن بعد ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد زريف معرفاڻي جي ڌر تي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 5 لک روپيا ڏنڊ وڌيو ويو ، ڏنڊ جي رقم مان 50 هزار ٿڏي تي معاف ڪيا ويا، جڏهن ته 50 هزار ٿڏي تي ادا ڪيا ويا، بقايه رهيل ڏنڊ جي رقم مان زريف معرفاڻي مولا ربن معرفاڻي واري ڌر کي ڊسمبر تائين ٻن قسطن ۾ ادا ڪندو،  ٻئي طرف ڳوٺ دينپور ۾ معرفاڻي ڌر جي ٻن ڌرين سردار معرفاڻي ۽ مزاري معرفاڻي جي ڌرين ۾ جيهڙو ٿي پيو،  جهيڙي ۾ هڪ عورت زخمي ٿي پئي جنهن جو ڏوهه سردارو معرفاڻي واري ڌر تي ثابت ٿيڻ تي 7 لک 50 هزار ڏنڊ وڌو ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.