سنڌ ۾ ڪورونا جا 204 نوان ڪيس سامهون، وڌيڪ ٻه ڄڻا فوت

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت وزيراعليٰ ھائوس مان جاري سندس  بيان ۾ چيو آھي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 204 نوان ڪيس سامھون آيا آھن. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ھيل تائين ڪورونا جا 1133169 ٽيسٽ ڪيا ويا آھن ۽ اھڙي ريت سنڌ ۾ ھن وقت 132084 ڪيس سامھون آيا آھن. وڏي وزير چيو ته ڪورونا وائرس متاثر وڌيڪ 31 مريض صحتياب ٿيا آھن ۽ ھينئر تائين 127449 مريض صحتياب ٿيا آھن. ھن وقت 2190 مريض علاج ھيٺ آھن، جن مان 1907 مريض گھرن اندر، 277 مريض مختلف اسپتالن ۽ 6 مريض آئسوليشن سينٽرن ۾ علاج ھيٺ آھن. ھن ٻڌايو ته 204 ڪورونا ڪيسن مان 120 نوان ڪيس ڪراچي شھر مان ظاھر ٿيا آھن. ضلعيوار انگن اکرن بابت آگاھي ڏيندي وڏي وزير ٻڌايو ته سڀ کان وڌيڪ ضلعي ڏکڻ ڪراچيءَ ۾ 76 مريض رپورٽ ٿيا آھن ضلعي اوڀر ۾ 20، ڄامشورو ۾ 18، ضلعي وچ ڪراچيءَ ۾ 15، ٺٽي ۾ 7، بدين ۾ 6، حيدرآباد ۾ 5، ڪورنگيءَ ۾ 4، ٽنڊوالھيار ۾ 4، ضلعي اولھھ ڪراچيءَ ۾ 3، گھوٽڪيءَ ۾ 3، جيڪب آباد ۾ 3، قمبر-شھدادڪوٽ ۾ 3، ملير ۾ 2، لاڙڪاڻي ۾ 2، سکر ۾ 2، خيرپور ۾ 2، شڪارپور ۾ 2 ۽ سانگھڙ ۾ 2 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ عوام کي اپيل ڪندي چيو تھ مھرباني ڪري احتياطي اپائن تي لازمي طور تي عمل ڪيو وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته ھڪ ٻئي جو خيال رکو. سيد مراد علي شاھ چيو ته اسان سڀني کي ڌڻي سائين پنھنجي ٻاجهه ۾ رکي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.