جروار ڀرسان اغوا ٿيل جي بازيابي لاءِ 50 لک رپيا ڀُنگ طلب

جروار (ن ع آ) جروار ڀرسان ڪچي مان اغوا ٿيل مغوي عزيز لنڊ بازياب نه ٿي سگهيو، ڌاڙيلن پاران مغوي جي وارثن سان ٻيهر  رابطو، 50 لک رپيا ڀنگ طلب، مغوي جي چاچي ان سلسلي ۾ ٻڌايو آهي ته مغوي عزيز لنڊ کي بازياب ڪرائڻ ۾ پوليس ناڪام ٿي وئي آهي، اسان سان ڌاڙيلن ٻيهر رابطو ڪري 50 لک رپيا گهريا آهن، اغوا ڪندڙن چيو ته جلد 50 لک ڏيو نه ته نوجوان کي قتل ڪري لاش درياهه ۾ لوڙهي ڇڏينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.