نواز ليگ اڳواڻ حمزا شهباز ڪورونا وائرس جو شڪار

لاهور (م ڊ) لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد ن  ليگ اڳواڻ حمزا شهباز ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو. ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هو 3 ڏينهن کان بخار ۾ ورتل آهي. هن مطالبو ڪيو ته حمزا شهباز کي ڪوٽ لکپت جيل مان فوري طور اسپتال منتقل ڪيو وڃي ۽ علاج لاءِ سموريون ذميواريون پوريون ڪيون وڃن، علاج ۾ سستي يا لاپرواهي سان حمزا شهباز جي صحت لاءِ خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جو ڀائٽيو ۽ شهباز شريف جو پٽ هجڻ جي ڏوهه ۾ حمزا ناحق سزا ڀوڳي رهيو آهي، بدترين سياسي انتقام هن جو عزم نٿو ڊاهي سگهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.