لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد حمزا شهباز ڪورونا وائرس جو شڪار

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد ن ليگ اڳواڻ حمزا شهباز ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو.

ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هو 3 ڏينهن کان بخار ۾ ورتل آهي.

هن مطالبو ڪيو ته حمزا شهباز کي ڪوٽ لکپت جيل مان فوري طور اسپتال منتقل ڪيو وڃي ۽ علاج لاءِ سموريون ذميواريون پوريون ڪيون وڃن، علاج ۾ سستي يا لاپرواهي سان حمزا شهباز جي صحت لاءِ خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف جو ڀائٽيو ۽ شهباز شريف جو پٽ هجڻ جي ڏوهه ۾ حمزا ناحق سزا ڀوڳي رهيو آهي، بدترين سياسي انتقام هن جو عزم نٿو ڊاهي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.