ناليوارو ذاڪر ۽ عالم علامه ضمير اختر نقوي لاڏاڻو ڪري ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليوارو ذاڪر، عالم ۽ ليکڪ علامه ضمير اختر نقوي 76 ورهين جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

علامه ضمير اختر نقوي کي طبعيت خراب ٿيڻ تي 12 ۽ 13 سيپٽمبر جي وچين رات ڪراچي جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي هو حقيقي مالڪ سان وڃي مليو.

ضمير نقوي جو مڙهه انچولي امام بارگاهه منتقل ڪيو ويندو ۽ جنازي نماز کانپوءِ ان جي تدفين وادي حسين قبرستان ۾ ڪئي ويندي.

علامه ضمير اختر نقوي 1944 ۾ ڀارتي شهر لکنئو ۾ پيدا ٿيو ۽ پاڪستان ٺهڻ جي ڪجهه سالن کانپوءِ گهرڀاتين سميت ڪراچي اچي رهيو.

هن شروعاتي تعليم کان وٺي گريجوئيشن لکنئو ۾ ئي ڪئي، پوءِ 1967 ۾ پاڪستان منتقل ٿيو ۽ ڪراچي ۾ تعليم جو سلسلو جاري رکيو.

علامه ضمير اختر نقوي ڪراچي يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري به حاصل ڪئي، هن سائنس، فلسفي، ادب، ثقافت، صحافت، سماجي مسئلن، اسلامي تعليم ۽ خاص طور اهل تشيع فرقي بابت ديني تعليم تي عبور حاصل ڪيو.

علامه ضمير اختر نقوي مير انيس اڪيڊمي جو صدر ۽ گڏوگڏ ميگزين آل ڪلام جو ايڊيٽر ان چيف به هو.

هن عشره مجلس کانسواءِ تاريخ، اردو غزل ۽ ڪربلا، واقعات ڪربلا غزل جي آئيني ۾، فرهنگِ ذڪر ڪربلا، شوق تشنگي ۽ سوانح حيات تي ٻڌل 28 ڪتاب به لکيا.

علامه ضمير اختر نقوي جي لاڏاڻي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، گورنر عمران اسماعيل ۽ ڪيترن ئي عالمن افسوس جو اظهار ڪندي سندس وڇوڙي کي وڏو نقصان قرار ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.