ڊائو يونيورسٽي ۾سنڌي شاگردن سان ناجائزيون پيون ٿين:سنڌي شاگرد تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر پرديپ گلاب، مرڪزي جنرل سيڪريٽري عاطف ملاح، سرواڻ هاليپوٽي، منور پليجي ۽ ڪبير ڀيل پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آھي ته ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي سنڌي شاگردن جون داخلا سيٽون گھٽائي ۽ ھاسٽلون ختم ڪري سنڌ جي تعليم ۽ وحدت تي حملو ڪيو آھي. اسين مطالبو ٿا ڪيون ته ڊائو ۽ ڪراچي يونيورسٽي سميت ڪراچي جي سمورن تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جون داخلا سيٽون گھٽائڻ بجاء وڌايون وڃن ۽ سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ ھاسٽلن سميت سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪيون وڃن. اڳواڻن چيو ته ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن جا شاگرد تعليم پرائن ٿا. شاگردن جون ھاسٽلون ختم ڪري ۽ سنڌي شاگردن جو سيٽون گھٽائي شاگردن جي تعليم جي رستاروڪ ڪئي پئي وڃي. سنڌي شاگرد تحريڪ اھو مطالبو ٿي ڪري ته شاگردن جي لاء سيٽون وڌايون وڃن ۽ ھاسٽلون کوليون وڃن.  اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڊائو يونيورسٽي جي انتظاميا سميت سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن جي انتظاميا تعليم دشمن، سنڌ دشمن قوتن جي حوالي ڪئي وئي آھي. جنھن سبب اھي ھر روز نئين سازشن ذريعي ڪڏھن سنڌي شاگردياڻين کي غير قانوني طور ھاسٽلن مان ڪڍڻ ته ڪڏھن شاگردن جون ھاسٽلون ختم ڪرڻ ذريعي تعليم جي رستا روڪ پيا ڪن. ھاڻي تازو ڊائو يونيورسٽي نوٽيفڪيشن جاري ڪري 5% سيڪڙو اوپن ميرٽ(کليل ميرٽ) جون سيٽون گھٽائي ڪي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪري ميرٽ جي لتاڙ ڪري رھي آھي. اسين مطالبو ٿا ڪيون ته ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جون سيٽون گھٽائڻ تي پابندي لڳائي وڃي ۽ سنڌ جي گادي جي شھر جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جون سيٽون اٽي ۾ لوڻ برابر آھن باقي جيڪي بچن ٿيون انھن مان به اڪثر ڪوڙن ڊوميسائلن ذريعي ڌارين حوالي ڪيون وڃن ٿيون. ان ڪري ڪوڙا ڊوميسائيل ۽ شناختي ڪارڊ ٺاھڻ بند ڪيا وڃن. ٺاھڻ وارن کي سخت سزا ڏني وڃي ۽ سنڌي شاگردن جون سيٽون وڌايون وڃن ۽ کين ھاسٽل، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ معياري کاڌو مھيا ڪيو وڃي ته جيئن اھي پنھنجي راڄڌاني ۾ تعليم پرائي سگھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.