انور شاهه جي ميلي ۾ ادبي ڪانفرنس، مشاعرو

گهوٽڪي ( ڊ ر ) سنڌ جي مشھور صوفي شاعر ۽ بزرگ سيد انور علي شاھ بخاري جي 60 ھين سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي جھانپور شريف ۾ درگاھ جي اڱڻ تي صحبت ادبي سنگت جھانپور شريف طرفان ھڪ انوار ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعرو سنڌي جي برک شاعر سڪندر مگسي جي صدارت ۾ ڪوٺايو ويو جڏھن تہ انوار ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعري ۾ درگاھ عاليہ جھانپور شريف جي گادي نشين سيد سخاوت بخاري خصوصي طور تي شرڪت ڪئي ڪانفرنس ۾ سڪندر مگسي سيد سخاوت بخاري.عطا حسين بجاراڻي .عبدالحئي ڀٽو.حسن پنھيار.سڪندر اوڳاھي.شفقت سومرو ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو تہ سيد انور علي شاھ بخاري جھڙيون درگاھون انسانيت.امن.محبت.سڪون.ڀائيچاري ۽ پريت جون علامت آھن ھن پنھنجي حياتي ۾ صوفي ازم.تصوف.اتحاد ۽ ٻڌي جي پرچار ڪندي گذارڻ سان گڏ حق.سچ.امن ۽ انسان دوستي جو پيغام ماڻھن تائين پھچايو ھنن وڌيڪ چيو تہ انور سائين پنھنجي شاعري ۾ مظلوم.بي پھچ.غريب ۽ مسڪين ماروئڙن جو  ذڪر ڪرڻ کان علاوه سماج ۾ بھتر زندگي گذارڻ جا سمورا اصول ٻڌايا آھن اڄوڪي ٻوسٽ.نفسا نفسي واري ماحول ۾ انور سائين جي فڪر.فلسفي ۽ پيغام کي عام ڪرڻ ۽ ان کي جھڙ جھنگ پھچائڻ جي گھڻي ضرورت آھي ھن پنھنجي زندگي ۾ جھيڙن ۽ جھڳڙن جي خاتمي لاء وڏي جدوجھد ڪئي ھاڻ اسان کي انور سائين جي ڏيکاريل واٽ وٺڻ سان گڏ انھي جي ڪلام کي وڌ کان وڌ پڙھڻ ۽ سمجھڻ گھرجي اچو تہ پاڻ سڀ گڏجي.سڏجي انور سائين جھڙن عظيم شخصيتن جو رستو وٺندي نفرتن جي خاتمي لاء محبتون ۽ پيار تقسيم ڪيون انوار ڪانفرنس بعد ھڪ مشاعرو ڪوٺايو ويو جنھن ۾ ناميارن شاعرن سڪندر مگسي.مفتون ڪورائي.اياز لطيف دايو.پريم پتافي.حامد ڪلوڙ.سڪندر اوڳاھي.عبدالحئي ڀٽو.فقير محمد سولنگي.عبدالمجيد عرضي.الطاف سومرو.فدا ملڪ.شفقت سومرو.زاھد ڀٽو.حسن پنھيار.امداد علي سومرو.فقير نصير چنو.فدا حسين حيدراڻي.محبوب حيدراڻي.برادي منگي.منير  احمد آسي.محبوب قاضي.ارسلان مصور.نويد منتظر.غلام حيدر .جمشيد مھر.قلندر بخش باجڪاڻي.شاد احمد شاد کوسو.پياسي فيض جاگيراڻي.غفار سومرو.غلام ياسين اوڳاھي.مسافر پتافي..شوڪت اواڳاھي.عبدالصد گڏاڻي.ساگر عباسي.عبد گڏاڻي.علي اڪبر سومرو.عاشق علي راڄڙ.۽ ٻين پنھنجي نئين نڪور شاعري ذريعي انور سائين کي خوبصورت ۽ پيارن لفظن جي ڀيٽا ڏيندي عقيدت جا گل نڇاور ڪيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.