کپري ۾پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج

کپرو(رپورٽر) اسلام ڪوٽ جي ناري عمرڪوٽ جي نوجوان ڇوڪري سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو تحفظ جي اپيل، اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ پاٻوهار جي رھواسي 26 ورهين جي هاجياڻي هاليپوٽو عمرڪوٽ جي ڳوٺ ماروهر جي 25 ورهين جي نوجوان عاجز علي هاليپوٽو سان هاء ڪورٽ حيدرآباد ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو حاجياڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون پنهنجي رضا خوشي سان عاجز هاليپوٽو سان ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو/ نڪاع ڪيو آھي پر منهنجي مائٽن مون کي ۽ منهنجي مڙس کي موت مار ڌمڪيون ڏين ٿا مون کي ۽ منهنجي مڙس کي جان کان خطرو آھي منهنجا مائٽ منهنجي مڙس عاجز هاليپوٽو جي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائن پيا مون کي نه ڪنهن اغوا ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن ورغلايو آھي مون پنهنجي رضا خوشي سان شريعت محمدي موجب مڙس سان نڪاع ڪيو آھي آئون آء جي سنڌ , ڊي آء جي ميرپورخاص کان اپيل ڪريان ٿي ته مون کي ۽ منهنجي مڙس کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ منهنجي مڙس خلاف ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.