اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري

اسلام آباد  (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري  ڪري ڇڏيا آهن، ڇنڇر ڏينهن اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 584 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس سبب فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 46 آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 28 هزار 724 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 42، پنجاب ۾ 10 هزار 211، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 210، اسلام آباد 2 هزار 622، بلوچستان 895، گلگت بلتسان ۾ 397 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 237 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 88 هزار 536 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي 90 ڪورونا جا مريض آهن، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو مجموعي تعداد 3 لک 955 آهي جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 389، بلوچستان 13 هزار 401، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 164، اسلام آباد ۾ 15 هزار 862، خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 862، پنجاب ۾ 97 هزار 602، سنڌ ۾ هڪ لک 31 هزار 675 مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 6 هزار 373 آهي جنهن مان سنڌ ۾ 2 هزار 440 ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ فوت ٿيو، پنجاب ۾ 2 هزار 215 فوتگيون ٿيون ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيو، خيبرپختونخوا ۾ هڪ هزار 256 جنهن مان گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪو به مريض فوت ناهي ٿيو، اسلام آباد ۾ ڪل 178، بلوچستان ۾ 145،. گلگت بلتستان ۾ 74 فوتگيون ٿيون ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض فوت ٿيو جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 65 فوتگيون ٿيون آهن، هيستائين سڄي ملڪ ۾ 29 لک 8 هزار 397 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي علاج لاءِ مختص 735 اسپتالن ۾ هڪ هزار 12 مريض علاج هيٺ آهن.

رانا ثناء الله خلاف منشيات برآمدگي ڪيس جي ٻڌڻي 3 آڪٽوبر تائين ملتوي

لاهور  (اي پي پي) لاهورجي منشيات جي روڪٿام واري خاص عدالت جي جج جي وڃڻ جي بنياد تي اڳوڻي صوبائي قانون واري وزير ۽ مسلم ليگ (ن) پنجاب جي صدر رانا ثناء الله خلاف منشيات برآمدگي ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪنهن ڪارروائي جي 3 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي. عدالت جي جج شاڪر حسن جي وڃڻ سبب ڊيوٽي جج خالد بشير ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڇنڇر ڏينهن عدالتي ٻڌڻي تي رانا ثناء الله حاضري لاءِ پنهنجي وڪيل سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ پنهنجي حاضري مڪمل ڪرائي. رانا ثناء الله تي 15 ڪلو منشيات اسمگل ڪرڻ جو الزام آهي. اينٽي نارڪوٽڪس فورس مطابق رانا ثناء الله خلاف سي اين ايس اي 1997ع جي شقن 9 سي، 15 ۽ 17 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. رانا ثناء الله کي اي اين ايف عملدارن پهرين جولاءِ 2019ع تي موٽر وي تي ناڪو لڳائي منشيات جي وڏي مقدار سان گرفتار ڪيو هو.

صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي سان پي ٽي آئي ڪراچي جي صدر خرم شير زمان جي ملاقات

ڪراچي  (اي پي پي) صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي سان ڪالهه پي ٽي آءِ ڪراچي جي صدر خرم شير زمان گورنر هائوس ۾  ملاقات ڪئي. پي ٽي آءِ ڪراچي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب خرم شير زمان صدر مملڪت کي سنڌ جي صورتحال بابت تفصيلي آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ ڪراچي ٽرانسفارميشن  پلان جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پڌرائي موجب خرم شير زمان صدر کي برسات متاثر علائقن ۾ رليف جي ڪمن بابت به آگاهه ڪيو. خرم شير زمان چيو ته ميرپورخاص ڊويزن برسات سبب  سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي.  هن صدر کي آگاهه ڪيو ته متاثر علائقن ۾ اين ڊي ايم اي، ٽائيگر فورس ۽ نجي سطح تي ماڻهن جي مدد جاري آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.