جروار لڳ بجلي جي تارن ۾ سڙي عورت زخمي، احتجاج

جروار  (ن ع آ ) جروار لڳ ڳوٺ دري نوحاڻي ۾  بجلي جي تارن سان زخمي ٿيل عورت جي وارثن جو واپڊا خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو  ان موقعي تي شمن ، گل محمد ، رمضان نوحاڻي ۽ ٻين چيو ته اسان جي ڳوٺ مٿان ھڪ لک ٻٽيھ ھزار ھاء پاور جون تارون ڪراس ٿي رھيون آھن جڏھن ته اھي تارون واپڊا جي لاپرواھي سبب تمام ھيٺ ٿي ويون آھن جنھن جي ڪري عورت به زخمي ٿي آھي ۽ ڳوٺاڻا به خوف ۾ مبتلا ٿي ويا آھن احتجاج ڪندڙن وڌيڪ ٻڌايو اسان جي زخمي عورت نازڪ حالت ۾ رحيميار خان اسپتال زير علاج آھي ،  جيڪڏھن اسان کي واپڊا وارن علاج جا پئسا نه ڏنا ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.