دولھه دريا خان پنھنجي جان سنڌ وطن تان قربان ڪئي: سورهيه سنڌي

ٺٽو (ڊ ر) سنڌ جي  امر ڪردار شهيد مبارڪ علي خان عرف دولهه دريا خان جي 500 هين ورسي مڪلي ۾ ملھائي وئي، مختلف  قومپرستن سميت مختلف علمي، ادبي ڌرين جي سندس مزار تي حاضري گلن جون چادريون چاڙھي سنڌ جي سلامتي لاء دعا گھريون ويون. ان سلسلي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سورھيه سنڌي، شهيد شفيع محمد ڪرناڻي جي فرزند ڄام سنگھار ڪرناڻي، ڊاڪٽر نياز ڪرناڻي، يوسف ڪرناڻي، راول ڪرناڻي، انور بڙدي، يوسف خشڪ جي اڳواڻي ۾ شهيد شفيع محمد ڪرناڻي جي مزار کان مڪلي ۾ واقع شھيد دولھ دريا خان جي مزار تائين ريلي ڪڍي شهيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي شهيد کي سلام پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سورهيه سنڌي  چيو ته شهيد دولھه دريا خان سنڌ جو امر شهيد هئو جنهن پنھنجي جان سنڌ وطن تان قربان ڪئي، هن چيو ته شهيد دولھ دريا خان پنهنجي دانشمندي سان سنڌ کي درپيش خطرن کي منهن ڏنو،   هن چيو ته موجوده حالتن ۾ سنڌ خطرن جي ور چڙهيل آهي، ان وقت شهيد دولھه دريا خان جي پيروي ڪندي وطن جي حفاظت لاءِ  ميدان ۾ نڪرڻو پوندو، جڏهن ته  سنڌ ڪلچرل فورم جي چئيرمين صادق لاکو، شھزاد لاشاري، سانول برفت، ساس جي فقير اڪرم ۽  ٻين شھيد دولھ دريا خان جي مزاي تي پھچي گلن جي ورکا ڪري ڀيٽا پيش ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.