ڪنڌڪوٽ ۾ نوجوان جي آپگهات ڪوشش، اسپتال منتقل

ڪنڌ ڪوٽ (ڊر/س ر) ڪنڌ ڪوٽ  بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام حيدر سبزوئي ۾  گهرو اڻبت تي نوجوان محمد شعبان سبزوئي پنهنجي مٿان ٽي ٽي پسٽل جا فائر ڪري خودڪشي ڪرڻ  جي ڪوشش ڪئي، نوجوان کي زخمي حالت ۾  اسپتال منتقل ڪيو ويو.

منهڙي ويجهو موٽرسائيڪل کي بچائيندي ڪار اونڌي، واپاري زخمي

منھڙو (ن ع آ ) منھڙو ڀرسان قادر آباد اسٽاپ وٽ  مورو ٻانڌي روڊ تي تيز رفتار ڪار موٽر سائيڪل کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي جنھن جي نتيجي ۾ ڪار سوار ڪيلي جو مشھور واپاري ۽ ديھ آباد ڪھڪاٽ جو اڳوڻو جرنل ڪائونسلر سيٽ حاجي علي گل ملاح سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي زخمي حالت ۾ نواب شاھ اسپتال نيو ويو جڏهن ته قمرالدين چانڊيو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي موٽر سائيڪل کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.