بلاول ڀٽي جي روهڙي ۾ ناصر شاهه سان تعزيت

سکر(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري روھڙي پھچي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ سان سندس  امڙ جي دعا گھري ۽ ساڻس گڏ جو اظھار ڪيو. بلاول ڀٽو جو چوڻ ھو تھ ناصر شاھ جي امڙ جي وفات تي دلي  صدمو ۽ ڏک پھتو آھي، الله سائين مرحومه کي جنت ۾ جاءِ عطا ڪري. ڏک جي ھن گھڙي ۾ سيد ناصر حسين شاھ سان برابري جو شريڪ آھيان، ڇو جو ماءٌ جھڙو نعمل بدل ناھي، جنھن جو وڇڙڻ زندگيءَ جو سڀ کان وڏو نقصان آھي، بلاول ڀٽو سان گڏ سردار محمد بخش خان مھر، صوبائي وزير سيد اويس قادر شاھ، سينيٽر اسلام الدين شيخ، ايم اين اي نعمان اسلام شيخ ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا. اِن کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري ميرپور خاص کان ھيلي ڪاپٽر ذريعي سکر ايئرپورٽ پھتو، ان دوران سيڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا، جڏھن ته بلاول ڀٽو جي آمد وقت روھڙي ۾ ميڊيا کي ڪوريج کي به روڪيو ويو ۽ بلاول بنا ميڊيا سان ڳالھائڻ جي واپس روانو ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.