سکر ۾ سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس

اظهر علي دايو

سکر شهر جي مسئلن جي حل لاءِ جمعيت علماءِ اسلام ضلعي سکر پاران حل لاءِ سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سنڌ جي وحدت خلاف ٿيندڙ سازشن جو ڄمي ڪري مقابلو ڪرڻ جو اعلان، سنڌ ڪنهن جي پيءُ جي جاگير ناهي، جو ان جو ورهاڱو ڪري سگهجي، سنڌ جو ورهاڱو ڪندڙن خلاف ڄمي مقابلو ڪنداسين.

سکر پريس ڪلب ۾ ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس کي جي يو آءِ جو صوبائي سيڪريٽري جنرل علامه راشد محمود سومرو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ورهاڱي خلاف نائن زيرو تان ڪراچيءَ جا نقشا هٿ ڪيا ويا هئا، پر انهن جي خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي وئي ، سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشون ملڪ خلاف آهن، سنڌ پاڪستان سان گڏ آهي، جيڪڏهن سنڌ کي الگ ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي ته ملڪ نه رهندو.

غلام حسين چاچڙ چيوته سنڌ جا هاري حڪومت جي نااهليءَ سبب تباهه ٿي چڪا آهن، سنڌ جا حڪمران اڳ ڇا هئا ۽ هاڻي ڇا آهن، ڪراچي برسات ۾ ٻڏو پيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جا وزير چون ٿا ته وزير اعظم سنڌ جو دورو ڇو نه ٿو ڪري، سنڌ جا حڪمران پاڻ ڇا ٿا ڪن، جو وزير اعظم کي سنڌ جو دورو ڪرڻ جو چئي رهيا آهن، سنڌ ۾ ماڪڙ تباهي مچائي ڇڏي هئي ۽ فصل تباهه ٿي چڪا هئا، جنهن کانپوءِ برسات پوڻ سبب رهيل فصل به تباهه ٿي چڪا آهن، سنڌ جا ننڍا هاري زميندارن جي چنبي ۾ ڦاٿل آهن، حڪومت يوڪرين کان خراب ڪڻڪ گهرائي رهي رهي آهي، سنڌ جي سٺي ڪڻڪ ٻاهر اسمگلنگ ڪئي وئي، سنڌ جي هارين کي ٻه نمبر ٻج ڏنا پيا وڃن، ماڪڙ اڃا به سنڌ ۾ موجود آهي، پر ماڪڙ کي مارڻ جا حڪومت پاران ڪي به انتظام نه ڪيا ويا آهن، قاري جميل احمد چيو ته سکر شهر جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪانفرنس گهرائي وئي آهي، شهر جا روڊ انتهائي خراب آهن، مريض اسپتالن تائين نٿا پهچن.

عبدالرحمٰن ثاقب چيو ته سکر شهر جي مسئلن لاءِ سڀ گڏ آهيون، ، هن چيو ته ماڪڙ ۽ تازين برساتن سبب فصل تباهه ٿيڻ ڪري هاري ڪنگال ٿي ويا آهن، پر حڪمران هارين کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪو به اعلان نه ڪيو آهي، وفاق ۽ سنڌ جا حڪمران ڪراچي پيڪج تي وڙهي رهيا آهن، هارين کي نقلي ٻج ۽ دوائون فراهم ڪيون پيون وڃنن، هر ماڻهو ٽيڪس ادا ڪري رهيو آهي، پر عوام کي سهولتون مُهيا نه ڪيون پيون وڃن.

اقليتي اڳواڻ وڪرم داس چيو ته ، سکر کان ٽي صوبائي وزير هجڻ باوجود مسئلن حل نٿي سگهيا آهن، شهرين کي پيئڻ جو پاڻي به فراهم نه ڪيو ويو آهي، وڪيل سڪندر جوڻيجو چيو ته سکر موٽر وي جو ڪم بند ڪرڻ تعصب جي نشاني آهي، عوام جي مسئلن جي فڪر نه آهي، ڪاغذن ۾ روڊ ۽ ڊرينيج جا ڪم ڏيکاريا ويندا آهن، صرف ڪرپشن ڪئي وئي آهي، اسپتالن ۾ غريبن کي ڪا به سهولت مهيا نه ڪئي وئي آهي، شهرين لاءِ پيئڻ جي پاڻيءَ جو مسئلو آهي، اهڙن ماڻهن کي ڪرسيءَ تي ويهڻ جو ڪو به حق ناهي، حزب الله جکرو چيو ته سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ رهندي، سکر جو قريشي ڳوٺ جو روڊ گذريل 15 سالن ۾ به تعمير نٿي سگهيو آهي، شهر جي فلٽر پلانٽ تي 8 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا آهن، پر پوءِ به شهرين کي صاف پاڻي نه پيو ملي، شهرين کي لاوارث بڻايو ويو آهي، 12 سالن ۾ به شهر جو هڪ روڊ به تعمير نٿي سگهيو آهي، ماڪڙ فصل کائي تباهه ڪري ڇڏيا آهن، هارين کي ڪڻڪ، سارين، ڪمند جو صحيح اگهه نه ملي رهيو آهي، انهن جي فوري طور تي مدد ڪئي وڃي، جي يو آءِ پاران سنڌ جي وحدت خلاف لاڳيتو ٿيندڙ سازشن، فرقيواريت، ۽ توهين مذهب جي وڌندڙ واقعن خلاف ڊسمبر کان مرحليوار تحريڪ شروع ڪئي ويندي، گهوٽڪي کان تحريڪ شروع ڪري سنڌ جي 29 ئي ضلعن ۾ عوامي رابطا مهم هلايو ويندو،ڊسمبر، جنوري ۾ عوامي رابطا مهم بعد فيبروري ۾ ڪراچي ۾ ملين مارچ ڪئي ويندي، ملڪ ۾ جيڪو ڳالهائي ٿو ته ان جي آواز کي دٻايو ٿو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته جيترو خرچ سرڪاري ڀوتارن پاران سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ بنگلن تي ڪيو ويو، اوترو سنڌ تي ڪيو وڃي ها ته سنڌ سُڌري وڃي ها. لاڙڪاڻي جي اسپتال ۽ آغا اسپتال جي سالياني بجيٽ هڪ جيتري آهي پر اتي هڪ گوري به نه ٿي ملي. اي پي سي کي خطاب ڪندي پي ايف يو جي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ چيو ته پاڪستان ۾ ميڊيا وڏي عتاب هيٺ آهي. ميڊيا مالڪن کي گهرائي انهن کي داٻا ڏئي من پسند خبرون هلائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. سياسي اڳواڻن جي لائيو ڪوريج ۽ انٽرويوز کي هلڻ نه پيو ڏنو وڃي.

پيپلز پارٽي سکر سٽي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ارشد مغل چيو ته پيپلز پارٽي هر سنڌ دشمن منصوبي ۽ سازش خلاف شيهي جي ديوار ثابت ٿي آهي. هن چيو ته سکر آئي بي اي يونيورسٽي پاڪستان جو سڀ کان معياري ترين تعليم ادارو پيپلز پارٽي جو تحفو آهي، اروڙ آرٽس ائنڊ ڊزائن يونيورسٽي آخري مڪمل ٿي چڪي آهي، بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي ۾ پنجن شعبن ۾ داخلائن جو اعلان ٿي چڪو آهي. پاڪستان جي سڀ کان وڏي دل جي اسپتال اين آئي سي وي ڊي سکر پي پي جو تحفو آهي جتي سڄي ملڪ جي دل جي مريضن جو لکين رپين جو علاج مفت ۾ ٿئي ٿو. پيپلز پارٽي نعرن بدران عملي خدمت ۽ ادارا جوڙڻ تي يقين رکي ٿي.

مسلم ليگ (نواز) جي ضلعي صدر خورشيد ميراڻي اي پي سي ۾ ڳالهائيندي چيو ته سيپيڪ منصوبي کي سبوتاز ڪرڻ تي وفاقي سرڪار جي مذمت ڪيون ٿا. عمران خان کي ملڪ هلائڻ جي خبر ناهي کيس سنڌ جي مسئلن ۾ قصور وار قرار نه ڏينداسين، پ پ سنڌ تي هميشه حڪمراني ڪئي آهي انهن کي سنڌ جي مسئلن جي چڱي ريت ڄاڻ آهي. خبر ناهي سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڇو سنجيدا ناهن. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ چيو ته عمران خان جدوجهد سان ملڪ جو وزيراعظم ٿيو آهي.

پي ٽي آءِ بار بار سنڌ ورهائڻ جي ڳالھه کي رد ڪيو آهي، سيپيڪ تي ڪم ڪورونا سبب بند ٿيو آهي، بجيٽ پڻ رکي وئي آهي، مخالفتن کي ٿڏي سيپيڪ رٿا تحت سکر- حيدرآباد موٽر وي تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي، پنجن سالن جي رٿا هاڻي ٽن سالن ۾ مڪمل ڪئي ويندي. جي يو آءِ اڳواڻن مولانا عبدالقيوم هاليجوي ۽ مولانا صالح انڍڙ چيو ته واپار، معاشي توڙي سماجي حوالي سان سکر-حيدرآباد سيڪشن موٽر وي سنڌ جي ماڻهن جي وڏي ضرورت آهي. هاڻوڪين برساتن ۾ تقريبن سنڌ ٻڏل آهي، قومي قيادت توڙي ميڊيا ڪراچي کانسواءِ باقي سنڌ تي نظر ئي نه ٿي پوي. سڄي سنڌ جي زراعت تباهه ٿي وئي آهي. لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن. هنن چيو ته آبادگار ۽ هاري معاشي طور ڪنگال ٿي ويا آهن. جعلي زرعي دوائن ۽ جعلي ٻجن زراعت کي تباهي ڪناري پهچايو آهي پر حڪمران ان طرف ڌيان نه پيا ڏين. سني تحريڪ جي اڳواڻ مولانا محبوب سهتو چيو ته سنڌ جي وحدت مقدس آهي، ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، جماعت اسلامي اڳواڻ مولانا حزب ﷲ جکرو چيو ته ماڪڙ کانپوءِ ٻوڏ سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪيو. وفاق ۽ صوبائي حڪومت گڏجي هارين لاءِ وڏي رليف جو اعلان ڪن، جن جا فصل تباهه ٿيا آهن انهن جي فهرست جوڙي فوري طور انهن کي مالي امداد سان گڏ زرعي اوزار، ٻج ۽ ڀاڻ ڏنو وڃي. ڍل ۽ آبيانا معاف ڪيا وڃن. سکر سميت سڄي سنڌ جي اسپتالن ۾ دوا ۽ چيڪ اپ لاءِ به سفارش جي ضرورت پوي ٿي. آزاد چيو ته سنڌ جي وحدت تي بار بار وار ڪري 6 ڪروڙ سنڌين جي غيرت کي للڪارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيستائين هڪ به سنڌي زندهه آهي سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين. اسلامي تحريڪ جي اڳواڻ امداد حسين الحسيني چيو ته هٿ وٺي فرقيواريت کي ڀڙڪايو پيو وڃي، ايون زراعت سنڌ جو نائب صدر غلام حسين چاچڙ اي پي سي ۾ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي هاري ناري جي تباهي جو ذميوار ٻيو ڪير نه سنڌ جا حڪمران آهن. سنڌ ۽ ان جي شهرن کي ڪجهه خاندانن جي ورثي ۾ ڏنو ويو آهي. هن چيو ته شروع کان رڙيون ڪندا آياسين ته ماڪڙ کي ختم ڪريو، گهڻي دير ڪئي وئي، هاڻي ماڪڙ ٻچا پيدا ڪيا آهن ۽ سڄي ملڪ ۾ ڦهلجي چڪي آهي، 5 سالن تائين جان ڇڏائي نه سگهنداسين، عالمي ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان امداد وٺڻ لاءِ هٿ وٺي ماڪڙ کي پکڙجڻ ڏنو ويو. جي يو پي سنڌ جو اڳواڻ مولانا مشرف قادري چيو ته سکر اقتصادي شهر آهي، فوري طور سکر-حيدرآباد موٽر وي جو ڪم فوري طور شروع ڪيو وڃي،

جي يو آءِ پاران سکر پريس ڪلب ۾ شهر جي مسئلن جي حل لاءِ سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ، مسلم ليگ (ن)، پاڪستان سني تحريڪ، جمعيت علماءِ پاڪستان، جماعت اسلامي، مرڪزي اهلحديث، ايوان زراعت سنڌ، پي ٽي آءِ، فقه جعفريه سميت ٻين پارٽين جي نمائندن، وڪيلن، شرڪت ڪئي، جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل، ايم ڪيو ايم پاڪستان، آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.