ٽنڊو غلام حيدر :ڳوٺ مير محمد لاشاري مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو،رهواسي پريشان

سنڌ ۾ پيل تيز برسات کي ڪيئي ڏهاڙا گذري وڃڻ باوجود  ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان ڳوٺ مير محمد لاشاري مان برساتي هن مهل تائين نيڪال نه ٿي سگهيو ،  برسات جي گندي پاڻي سبب ڳوٺاڻا مليريا ۽ چمڙي جي خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا  ٿي ويا ،  ٻئي پاسي غريبن جا ڪچا گهر ڪرڻ بعد متاثر کلي آسمان هيٺ رهڻ تي مجبورآهن ،  ضلعي توڙي تعلقي انتظاميا سميت چونڊيل نمائندن پاڻيءَ ۾ ٻڏل ماڻھن جي اڃا تائين ڪابه سارَ نه لڌي، ڳوٺاڻن عرض محمد لاشاري،اڪبر لاشاري،محمد سومار ۽ ٻين جو چوڻ هو ته  برسات کي ڪافي ڏينهن گذري ويا آهن پر اڃا تائين گهرن مان گندو پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو ويو پاڻي بيهڻ سبب معصوم ٻارڙا مليريا ۽ خارش جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن، انتظاميا اڳيان بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود اڃا تائين ڪا واهر ڪونه ڪئي وئي آهي ،هنن مطالبو ڪيو ته وس وارا نوٽيس وٺي ڳوٺ مان برسات جو گندو پاڻي نيڪال ڪرائي کين پريشاني کان بچائين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.