موٽر وي زيادتي ڪيس: جوابدارن جي نشاندهي تي 25 لک انعام جو اعلان

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار موٽر وي تي عورت سان لڄالٽ ڪندڙ جوابدارن جي نشاندهي ڪندڙ کي 25 لک رپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

لاهور ۾ آءِ جي پنجاب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عثمان بوزدار چيو ته واقعي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آ، جوابدارن کي سخت سزا ڏني ويندي، اسان 72 ڪلاڪن کان به گهٽ وقت ۾ اصل جوابدارن تائين پهتاسين، مک جوابدار جلد قانون جي پڪڙ ۾ هوندا، جوابدارن جي نشاندهي ڪندڙ کي 25 لک رپيا انعام ڏنو ويندو.

هن چيو ته عورت سان زيادتي جي معاملي تي تڪراري بيان ڏيندڙ سي سي پي او لاهور کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري کانئس 7 ڏينهن ۾ جواب گهريو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.