”نيوي جو ڪم ملڪ جو بچاءُ آهي، ڪلب ٺاهڻ جو ڪم قانون ۾ ڪٿي لکيل آ“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان نيوي سيلنگ ڪلب ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته پاڪ بحريا جو ڪم ملڪ جو بچاءُ آهي، ڪلب ٺاهڻ جو ڪم قانون ۾ ڪٿي لکيل آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ راول ڍنڍ ڪناري پاڪستان نيوي سيلنگ ڪلب جي اڏاوت خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ۽ نيول چيف طرفان وڪيل اشتر اوصاف پيش، جڏهن ته نيو فارمز جو وڪيل ملڪ قمر افضل پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران وڪيل اشتر اوصاف چيو ته سمورا ميٽنگ منٽ ۽ لاڳاپيل دستاويز عدالت ۾ جمع ڪرايا آهن.

ان تي چيف جسٽس پڇيو ته اڳ ۾ اهو ٻڌايو مانڊي واري لاءِ آئيني عدالت ڇا ڪري؟ ڇا اسان اهو چئون ته انهن کي ريگيولرائز ڪيون ۽ مانڊي واري جو ڪو حق ناهي؟

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته نيوي جو رل ملڪ جو بچاءُ ڪرڻ آهي، گڏوگڏ هن پڇيو ته نيوي جو سيلنگ يا ڪلب ٺاهڻ جو رول ڪٿي آهي؟ قانون ۾ ٻڌايو ڪٿي لکيل آهي؟

اشتر اوصاف جواب ڏنو ته بچاءَ لاءِ تربيت جي حوالي سان ڪجهه شيون اينديون آهن، جن ۾ رانديون به آهن، پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز حاصر سروس ايئر مارشل کي چارج ڏني، سپريم ڪورٽ ايئر مارشل جي سروس ريگيولرائز ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

چيف جسٽس چيو ته توهان جي دليلن مان لڳي رهيو آهي ته اڳ ۾ سول حڪومت چوندي ڪو ادارو هلائڻ ۾ اسان فيل ٿي وياسين؟ ڇا توهان اهو چوڻ چاهيو ٿا ته پي آءِ اي، واپڊا فيل ٿي ويا، تنهن ڪري توهان کي گهرائي رهيا آهيون؟ توهان جي دليلن مان لڳي رهيو آهي سي ڊي اي تباهه ٿي ويو.

اشتر اوصاف اهو جواب ڏنو ته نه مان اهڙو ڪجهه نه پيو چوان.

وڪيل جي ڳالهه تي چيف جسٽس چيو ته سي ڊي اي توهان کي ريگيوليٽر طور نوٽيس ڪيو، ان تي اشتر اوصاف ٻڌايو ته انهن ميٽنگ ۾ چيو اسان کي خبر ناهي ته زمين جي ڪنهن جي آهي، تنهن ڪري جواب ۾ انهن نه به نه ڪيو ۽ ها به نه.

چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته فورسز جا جيڪي ماڻهو قربانيون ڏيندا آهن، اسان انهن جا ٿورائتا آهيون، توهان ٻن شين کي مڪس نه ڪيو، ڇو ته ان باوجود قانون جي ڀڃڪڙي نٿي ٿي سگهي.

عدالتي ريمارڪس تي اشتر اوصاف چيو ته پاڪستاني رياست هٿياربند فورسز جي ان ايڪٽيويٽي (سرگرمين) کي تسليم ڪري ٿي، ڇو ته اهو تربيت جو حصو آهي.

عدالت پڇيو ته سي ڊي اي جيتري جاءِ توهان کي اسلام آباد ۾ ڏني آهي اها ڪيتري آهي؟ جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته هن وقت مون کي ناهي خبر ته اها ڪيتري آهي.

چيف جسٽس چيو جنهن وفاقي حڪومت جي توهان ماتحت آهيو، ان جي ڪنهن آفيسر ڪٿي توهان کي اجازت ڏني، ڪو بلڊنگ پلان، ڪا منظوري ڪجهه نه هو ۽ توهان ان جو افتتاح ڪرڻ هليا ويا، جڏهن ته ريگيوليٽر توهان کي نوٽيس ڪري ڇڏيو ته پوءِ توهان ان تي ڪيئن سرگرميون جاري رکي سگهو ٿا.

چيف جسٽس پڇيو ته ڇا ڪابينا ڊويزن ان سلسلي ۾ ڪا منظوري ڏني؟ جيڪڏهن ائين ٿئي جو نه توهان وٽ نه سي ڊي اي وٽ ڪو منظوري جو رڪارڊ هجي ته ڇا ٿيندو؟

چيف جسٽس چيو ته اهو معاملو قانون ۽ ان جي حڪمراني جي احترام جو آهي، ڇا ڪنهن ٻڌايو ته ريگيوليٽر جو نوٽيس آيل آهي، ان جو افتتاح نه ڪيو، ان تي وڪيل چيو ته ان حوالي سان اصل جي ڪا هدايت ناهي، تنهن ڪري ان تي هاڻي بيان نه ڏيندس.

وڪيل جي ڳالهه تي عدالت چيو ته توهان جي حد تائين ته واضح ٿي ويو ته رڪارڊ توهان وٽ ناهي، جيڪو ڪجهه آهي سي ڊي اي وٽ آهي، اسان 3، 4 فيصلا ڏئي چڪا آهيون ته 1960 کان وٺي هيل تائين قانون ڇا آهي، توهان جي دليلن مان لڳي رهيو آهي ته ان قسم جي فيصلن سبب سڄا وزيراعظم اڄ نيب کي ڀوڳي رهيا آهن.

ان موقعي تي نيول فارمز جي وڪيل قمر افضل دليل ڏيڻ شروع ڪيا ته چيف جسٽس پڇيو ته اڳ ۾ اهو ٻڌايو نيول فارمز جي اسڪيم ڪهڙي قانون تحت ٺهي آهي؟ جنهن تي ملڪ قمر افضل چيو ته نيول فارمز جو نيوي سان ڪو واسطو ناهي.

چيف جسٽس وري پڇاڻو ڪيو ته ڇا نيوي ان خلاف ان جو نالو استعمال ڪرڻ تي قانوني ڪارروائي ڪئي؟ جنهن تي جواب ڏيندي قمر افضل چيو ته نيوي جا آفيسر اها اسڪيم هلائي رهيا آهن.

چيف جسٽس پڇيو ته ڇا نيوي آفيسر ڪاروبار ڪري سگهي ٿو؟ ڇا نيوي انهن آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي؟ ان اسڪيم کي هلائڻ جو اهو ليٽر ڪنهن جاري ڪيو؟ نيوي وٽ ڇا قانون جي اٿارٽي آهي ته اهي اهو ڪم ڪري سگهن ٿا؟

چيف جسٽس چيو ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪري اهو ان وردي جي عزت تي داءُ لڳائڻ برابر آهي، ان تي وڪيل چيو ته نيوي آرڊيننس، رولز ريگوليشنز آهن، جن تحت خبر پئي ٿي ته نيوي کي ڪيئن ڪرڻو آهي.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته جيڪي دليل ڏيو سوچي ڏيو، سمجهي ڏيو، اها اسڪيم سويلين جي علائقي ۾ هلي رهي آهي، هن عدالت هائوسنگ سوسائٽيز جي حوالي سان هڪ حڪم پاس ڪيو آهي اهو نظر ۾ رکو.

ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڇا عدالت ان حڪم جي ڀڃڪڙي تي ڪنهن وردي واري آفيسر کي نوٽيس ڪري؟ اهو ذهن ۾ رکو ته ان جا سنگين اثر نڪري سگهن ٿا، اهو هڪ ڪمرشل بزنس آهي، نيوي چئي رهي آهي ته ان جو ان سان ڏيڻ وٺڻ ناهي.

عدالت سوال اٿاريو ته اهڙي صورت ۾ ڇا نيوي جا حاضر سروس آفيسر اهو ڪاروبار ڪري سگهن ٿا؟

پوءِ عدالت ڄاڻايل معاملي جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جتي وڪيل پنهنجا دليل جاري رکندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.