لاهور موٽر وي تي عورت سان لڄالٽ ڪندڙ ٻنهي جوابدارن جي خبر پئجي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور وٽر وي تي عورت سان اجتماعي لڄالٽ ڪندڙ ٻنهي جوابدارن جي خبر پئجي وئي.

متاثر عورت کان حاصل ڪيل نمونا جوابدارن جي ڊي اين اي سان ميچ ڪري ويا آهن، ڊي اين اي نمونا فرانزڪ ليبارٽري جي ڊيٽا بئنڪ ۾ اڳ کان موجود هئا، دستياب سڃاڻپ موجب هڪ جوابدار جو نالو محمد عابد ۽ ٻئي جو وقار آهي.

پوليس ذريعن موجب 27 ورهين جي عابد جو واسطو بهاول نگر سان آهي، هو لاهور ايندو ويندو رهي ٿو، عابد اشتهاري جوابدار ۽ ڪيترين ئي وارداتن جو رڪارڊ آهي، هو اڃا تائين فرار آهي ۽ سندس ڳولا جاري آهي.

عابد 2013 ۾ ڦر دوران ماءُ ڌيءُ سان زيادتي ۾ به ملوث هو، جڏهن ته ٻيو جوابدار وقار مرڪزي جوابدار عابد جو ساٿي آهي، وقار جو به ڪرمنل رڪارڊ موجود آهي.

ٻئي جوابدار اڃا تائين گرفتار ناهن ٿي سگهيا ۽ پوليس انهن جي ڳولا ۾ مصروف آهي.

آءِ جي پنجاب انعام غني موجب گذريل رات تقريبن 12 وڳي ڪنفرم ٿيو ته عابد علي واقعي ۾ ملوث آهي، عابد علي جي اڳ ۾ ڊي اين اي ٽيسٽ ٿي هئي، جنهن سان نمونا ميچ ڪري ويا، راتورات اسان جوابدار جا سمورا تفصيل حاصل ڪيا، عابد جي نالي تي 4 سمون هيون، جيڪي مختلف وقتن ۾ هو بند ڪري چڪو.

هن ٻڌايو ته هڪ سم جيڪا جوابدار استعمال ڪري رهيو هو ان جي نالي تي نه هئي، قلعي ستار شاهه ۾ ڇاپي دوران جوابدار عابد ۽ ان جي زال فرار ٿي ويا، ٻئي جوابدار وقار جي گهر تي به ڇاپو هنيو ويو پر هو فرار ٿي چڪو هو.

آءِ جي جو چوڻ هو ته ٻنهي جوابدارن جو رڪارڊ اسان کي ملي چڪو آهي، اميد ته جلد کين گرفتار ڪنداسين، ريپ ڪيسز تي ڪم ڪري رهيا آهيون، گهڻي ڀاڱي ڪيسن ۾ جوابدار گرفتار آهن.

ان کان اڳ پوليس جن 63 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو هو، انهن مان ڪنهن جي به ڊي اين اي عورت مان حاصل ڪيل نمونن سان ميچ نه ٿي.

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته فرانزڪ سائنس ايجنسي جي ڊي اين اي بئنڪ ۾ جوابدار جي ڊي اين اي موجود هئي، جوابدار جو ڏوهاري رڪارڊ به آهي.

ذريعن موجب جوابدار جو نالو شروعاتي طور محمد عابد ٻڌايو پئي ويو، پنجاب جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ به جوابدار جو نالو محمد عابد ئي ٻڌايو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي پر اڃا گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.