پني عاقل جي ڪچي واري علائقي ۾ همراهه ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي لڙهي ويو، لاش هٿ اچي نه سگهيو

پنو عاقل (ن ع آ)  پني عاقل جي ڪچي کڌوجا واري علائقي ۾ ٻوڏ جي پاڻي تيز وهڪري ۾ عبدالرحمان ولد ڄام جاڌڻ عمر 35 لوڙهي ٻڏي ويو آهي. جڏهن ته آخري اطلاع تائين فوتي جو لاش هٿ اچي نه سگهيو آهي.

ميرپور ماٿيلي ويجهو ميلي ۾ اهلڪارن جو سول ڊريس ۾ ايندڙ ويندڙ گرفتار ڪرڻ لڳا، رشوت اوڳاڙي

ميرپور ماٿيلو (ن ع آ)ميرپور ماٿيلو ويجهو درگاھ عاليه جهانپور شريف جي ميلي تي شراب جي نشي ۾ ڌت پوليس اهلڪار غلام علي مهر پوليس اهلڪار ساٿين سان گڏجي ميلي تي ايندڙ ماڻهن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي، جڏهن ته پوليس اهلڪارن غلام علي مهر ۽ ٻين پوليس اهلڪار سول ڪپڙن ۾ ميلي تي پهچي ويا، جڏهن ته پري پري کان ميلي تي پهتل ماڻهن سان پوليس اهلڪارن پاران بدڪلامي ڪري گرفتار ڪرڻ بعد رشوت وٺي ڇڏي ڏيڻ جو سلسلو پُڻ جاري آهي، ان سلسلي ۾ پوليس اهلڪار غلام علي مهر ۽ ٻين پاران رپورٽنگ ڪندڙ ميرپور ماٿيلو جي صحافي علي وسير سان بدڪلامي ڪئي، ۽ موبائيل فون ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ماڻهن وچ ۾ پئي صحافي کي بچائي ورتو، هوڏانهن وري صحافي علي وسير پاران پوليس اهلڪارن خلاف جهانپور چوڪي تي اين سي داخل ڪرائي، پر جهانپور پوليس پنهنجي پٽي ڀائرن کي بچائڻ لاءِ مصروف آهن، هوڏانهن ميرپور ماٿيلو جي صحافين جو هنگامي اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل کان پوليس اهلڪار خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪندي چيو ته جيڪڏهن پوليس اهلڪار غلام علي مهر خلاف ڪارروائي نه ڪئي ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

راڌڻ پوليس ڪارروائي، ڦر ٿيل موٽر سائيڪل  هٿ

راڌڻ ( ن ع آ ) ايس ايڇ او راڌڻ جي وڏي ڪاروائي ٽي ڏينهن پهريان سماجي تنظيم (سيف) جي اڳواڻ سردار راجه غضنفر علي جهتيال ۽ نديم علي جوڻيجو کان ڦر ٿيل  125 CD موٽر سائيڪل رڪوري ڪري وارثن حوالي.جوابدار پيچر بنگال پوليس پڪٽ تي پوليس کي ڏسي  گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويا .

ميرپورخاص پوليس جي ڪارروائي، ڦورو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ميرپورخاص (بيورورپورٽ)   ميرپورخاص جي غريب آباد ٿاڻي جي پوليس ڳجھو اطلاع ملڻ تي ميرپورخاص باءِ پاس لڳ صديق صديق موڙ تي ڇاپو هڻي ڦر جي ڪيسن ۾ گھربل جوابدار شهباز علي کي گرفتار ڪري وٽائنس هڪ ٽي ٽي پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب ڳجهي اطلاع تي ڇاپوهڻي گرفتار ڪيل جوابدار ميرپورخاص جي کپرو بس لڳ رهواسي محمد سڪندر سانڀري کان هٿيارن جي زور تي موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪرڻ جي ڪيس ۾ گھربل هو جوابدار کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

لاڙڪاڻي ۾ پوليس ڪارروايون، 4 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائيون ڪندي 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن وٽان هٿيار ۽ منشيات  هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه دڙي پوليس چيڪنگ دوران سرگرم ڏوهاري عامر مغيري کي ريوالر ۽ گولين سميت، حيدري پوليس گشت دوران عاقل روڊ تان منشيات فروشن جميل جتوئي کي اڌ ڪلو چرس ۽ اغوا جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار اسرار خروس کي ۽ وارث ڏنو ماڇي پوليس روپوش جوابدار اسماعيل ابڙو کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.