ٽنڊو غلام علي جي ڳوٺن مان پاڻي نيڪال نه ٿيو، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل

ٽنڊوغلام علي (ن ع آ ) ٽنڊو غلام علي ڀرسان ڳوٺ جاني بوزدار، ڳوٺ عارب خاصخيلي، ڳوٺ سومر پٽيل سميت يوسي ٺارو ڪوٽ جا ڪيترائي ڳوٺ ٽي هفتا گذرڻ جي باوجود برساتي پاڻي هيٺ آهن، برسات ۾  ڳوٺ ۽ زرعي زمينون ٻڏي وڃڻ ڪري رهواسي اسڪولن توڙي  روڊن تي کلي آسمان ھيٺ ويٺل آھن، ڳوٺاڻن رزاق بوزدار، حفيظ خاصخيلي، پياري علي بوزدار، مختيار علي جلالاڻي ۽ ٻين ٻڌايو ته برسات ۾ سوين ماڻهو گهر ڊهڻ ۽ اناج لڙهي وڃڻ ڪري ٽن هفتن کان بي يارو مددگار ۽ بکن ۾ پاھ آهيون ۽ برساتي پاڻي سبب مڇرن جي آزار سبب ڳوٺن جا ڪيترائي معصوم ٻار مليريا ۾ وٺجي ويا آهن پر  انتظاميه توڙي چونڊيل نمائنده خالي آٿت به ڏيڻ نه آيا آهن، هنن ٻڌايو ته پوکيل فصل به برسات ۾ ٻڏڻ ڪري سڙي ختم ٿي ويا آهن ، ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر ۽ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر سندس پٽ عرفان ٽالپر چونڊيا پر هنن هتي چونڊن کان هيستائين ڪا به بنيادي سهولت نه ڏني آهي ۽ تازين برساتن ۾ ٽن سالن کانپوءِ ڳوٺن جي دورو ڪرڻ لاءِ نڪتو ليڪن ڳوٺ ويجھو پھتو ته ڳوٺاڻن جي رش ڏسي رستي مان واپس ھليو ويو ، مظاهرين ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر، ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر ۽ ڊي سي بدين کان مطالبو ڪيو آهي ته بي گهر ماڻهن کي ٽينٽ ۽ راشن ڏيڻ سان گڏ ڳوٺن ۾ مڇر مار اسپري ڪرائي مليريا جي بيماري جون ٽيمون موڪلي علاج جون سهولتون ڏنيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.