ڪنڊيارو ۾ مقتول جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو

ڪنڊيارو (ت ر) ڪنڊيارو جي مقتول ضياءَ الحق سهتو جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن ۽ مختلف تنظيمن جي  اڳواڻن ۽ ڪارڪنن عوامي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ مقتول جي ڀاءُ ارشاد الحق سهتو۔ ظهور سهتو ۽ ٻين چيو ته ڏهه ڏينهن اڳ ڪنڊيارو جي ڪلتارپور  محله ۾ ضياءَ الحق سهتو کي بيگناهه ۽ بي دردي سان قتل ڪيو ويو جنهن جي قتل جو ڪيس نامزد جوابدارن داخل ٿيڻ باوجود پوليس گهربل مک جوابدار گرفتار ناهن ڪيا جنهن سبب وارثن ۾ خوف ۽ پريشاني آهي جڏهن ته جاچ آفيسر پڻ ڪوبه سهڪار نٿو ڪري خدشو آهي ته پوليس مقتول جو ڪيس لوڙهڻ چاهي ٿي۔احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.