گم ڪيل سمورن ماڻهن کي مهيني اندر بازياب ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نظر اڪبر ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  گم ٿيل ماڻهن  بابت درخواستن جي  ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران گم ٿيل شهري محمد سليم ۽ اعجاز کي پيش ڪيو ويو، جسٽس مبين لاکي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته 13مهينن تائين قيد ۾ رکيو ويو آهي .جڳهه جي خبر نه آهي .عدالت سمورن گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته هڪ مهيني  ۾ گم ٿيل ماڻهو واپس نه آيا ته اوهان جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، .جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته گم ٿيل ماڻهن جي جاچ ڪئي پئي وئي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.