عمران سنڌ جي برسات متاثرن لاءِ همدردي به نه ڏيکاري، اسلام آباد پهچي حق کسي وٺنداسين: بلاول

بدين/ ٽنڊو باگو ( رپورٽ: رازقڏنوکوسو+ دوست محمد چانڊيو)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو  آهي ته سنڌ کي حق نه مليا ته اسان کي اسلام آباد جو رستو ڏٺل آهي ۽ اسلام آباد اچي پنهنجا حق کسَي وٺنداسين. ٽنڊي باگي شھر جي باگو واھ پل لڳ واري چوئڪ تي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو خطاب ڪندي چيو ته عمران خان سنڌ جَي برسات متاثرن جِي مدد ڪرڻ ته ٺهيو پر  همدردي جو اظهار به ناهي ڪيو، پ پ چيئرمين چيو ته سنڌ جو عوام ٻڏي ويو پر وفاقي وزير چون پيا ته 300 رپيا به نه ڏينداسين، وفاقي سرڪار ناڪام ٿي چڪي آهي، بلاول چيو ته بدين جي سليڪٽيڊ وزير جي تڪ جَي عوام لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو. پ پ چيئرمين وفاقي حڪومت کان سنڌ ۾ زرعي ايمرجنسي لڳائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب فصل تباهه ٿي ويا آهن، سپريم ڪورٽ کي اپيل آهي ته سنڌ جو پيسو سنڌ جَي عوام کي ڏنو وڃي، هاڻي ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ خاص ڪري بدين جي ٻوڏ  ۽ برسات متاثرن جي ڪابه واھر نه ڪئي آهي، ايتري قدر جو ھتان بدين جي مقرر ڪيل وفاقي وزير پڻ ڪو ڪردار ادا نه ڪيو . وفاقي وزير عوام جي خدمت نه ڪرڻ تي استيعفا ڏيئي. ھن چيو ته عمران نيازي سرڪار ملڪ ۾ 50 ھزار گھر ۽ ڏھ ڪروڙ نوڪريون ڪٿي آھن رڳو عوام کي ٺلن آسرن تي نٿو ڇڏي سگھجي. هن چيو ته  اسان بدين جي عوام کي ھن ڏک جي گھڙي ۾ اڪيلو نٿا ڇڏي سگھون ھن چيو ت اسان جي جڏھن وفاقي حڪومت ھئي ته وزير اعظم گيلاني کان ويندي سموري ڪابينا بدين ۾ آيل 2011 جي ٻوڏ متاثرن جي ڀرپور مدد ڪئي.  ھن چيو ته بدين جي عوام خاص ڪري تعلقي ٽنڊي باگي جي عوام کي داد ڏيڻ گھرجي جن ٻوڏ ۾ بھادري سان مقابلو ڪيو آھي  ھن چيو ته ھن سليڪٽ حڪومت جي اچڻ بعد گذريل ٻن سالن دوران عوام کي نوڪريون ڏيڻ بجائي کين بي روزگاري بدحالي حوالي ڪيو ويو آھي ٻن سالن جي نيازي سرڪار عوام کان ماني جو گرهه به  کسي ملڪ ۾ مھانگائي جو ھڪ طوفان آندو آھي  ھن چيو ته اين سي ايف ايوارڊ مان به اسان کي حصو نٿو ڏنو وڃي. ھن چيو ته نيازي جو ھڪ اسپيشلسٽ اسسٽنٽ ٽي وي تي اچي اسان خلاف بڪواس ٿو ڪرين سندس ڪرپشن جي پڻ جانچ ٿيڻ گھر جي اسان سنڌ جي عوام جي تقدير بدلي ڪري ڇڏينداسين اسان جي ئي حڪومت ۾ بي نظير ڀٽو انڪم سپورٽ وارو ڪارڊ جاري ٿيو جنھن مان لکين غريب عورتون فائدو حاصل ڪن ٿيون جيڪو ڪارنامو آصف علي زرداري جو آھي. جڏھن ته بلاول ڀٽو تقرير دوران ڪو ٻوڏ متاثرن لا۽ ڪنھن به پئڪيج جو اعلان نه ڪيو. بلاول ڀٽو جي تقرير کان اڳ ۾ سنڌ جي وزير اعلي مراد علي شاھ خطاب ڪندي چيو ته چيئرمين صاحب ھن ڏک جي گھڙي ۾ بدين جي عوام جي سار لھڻ لا۽ ھتي پھتو آھي ۽ انشاه الله بلاول جي قيادت ۾  بدين ضلع جي سموري عوام سميت سنڌ جي عوام جي خدمت ۽ سندس مسئلا حل ڪنداسين.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.