سي سي پي او جي بيان سان دل آزاري ٿي: لطيف کوسا

ڪراچي (رپورٽر)پ پ جي اڳواڻ لطيف کوسي چيو آهي ته پنجاب ۾ عورت سان گينگ ريپ ۽ جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ جي سخت مذمت ڪريون ٿا،سي سي پي او جي بيان سان عوام جي دل آزاري ٿي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن  چيو ته سي سي پي او لاهور ايترو طاقتور آهي، جو آءِ جي پنجاب کي بدلي ڪرائي سگهي ٿو .سي سي پي او عثمان بوزدار جو ماڻهو آهي، وزيراعطم به ان جي حمايت ڪري رهيو آهي، پوليس کي مخالف ڌر جي خلاف استعمال ڪيو ويندو ته پوءِ اهڙاواقعا پيش ايندا .لطيف کوسي جو چوڻ آهي ته سنڌ جي آءِ جي جي بدلي سان انيتاتراب ڪيس متحرڪ ٿي ويندو ۽ پنجاب ۾ نه ٿيندو .ڪراچي جي 70سيڪڙو ايراضي وفاق ۽ ڪنٽو نمنٽ بورڊ وٽ آهي .

لاهور واقعي جو اکين ڏٺو شاهد اچي ويو، 15تي ڪال ڪرڻ جو انڪشاف

لاهور( م ڊ) لاهور واقعي جو اکين ڏٺو شاهد سامهون اچي ويو جنهن به  مددگار پوليس 15 کي ڪال ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. هن چيو ته هڪ جوابدار عورت کي زبردستي ڇڪيو ، کيس ٿڦڙ به هنيو. هن چيو ته عورت گهٻرايل هئي، اشارو ڪيائين پر تيز رفتاري سبب نه رڪيم  پر مددگار 15 تي ڪال ڪئي هيم. هن چيو ته  گاڏي جي پٺيان هڪ ٻيو شخص به بيٺو هو. 03

عورت سان زيادتي ڪيس جا ڏوهاري پڻ دهشتگرد آهن: چوڌري سرور

لاهور (م ڊ ) پنجاب جي گورنر چوڌري سرور چيو آهي ته موٽر وي تي عورت سان زيادتي جا ملزم دهشتگرد آهن، انهن کي عبرتناڪ بڻايو ويندو، مخالف ڌُر اي پي سيز ڪندو رهي ٿو ۽ حڪومت آئيندي مُدت پوري ڪندي، عوام جي طاقت حڪومت سان آهي ۽ 2023ع کان پهرين اسان ڪٿي به وڃڻ وارا ناهيون، آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ پڻ عوام تحريڪ انصاف تي ئي اعتماد جو اظهار ڪندو. هو گورنر هائوس لاهور ۾ ملاقات لاءِ آيل تحريڪ انصاف آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود ۽ پارٽي جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو. ملاقات ۾ سياسي ۽ حڪومتي معاملن سميت ٻيا اِشو پڻ بحث هيٺ آيا. ا

موٽر وي واقعو: جاويد هاشميءَ جو عمران خان کان استعيفيٰ جو مطالبو

ملتان (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ سينيئر سياستدان جاويد هاشمي موٽر وي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي جاويد هاشمي چيو ته ڪلثوم نواز هڪ فرد جو نالو ناهي پر ان پرويز مشرف کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو. هن وڌيڪ چيو ته موٽر وي واقعي جي مذمت ڪيان ٿو، عمران خان کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. ان کان اڳ واقعي تي ردعمل ڏيندي جاويد هاشمي چيو هو ته خدا جي وسندي ۾ حيوانن انسانيت کي به لڄي ڪري ڇڏيو، موٽر وي واقعي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ انهن حيوانن کي عبرت جو نشانو بڻائڻ رياست جي ذميواري آهي، اسان کي متاثر عورت لاءِ انصاف گهرجي.

هر نياڻي جي حفاظت حڪومت جي ذميداري آهي: گورنر پنجاب

لاهور (م ڊ  )  پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور چيو آهي ته موٽر وي تي عورت سان لڄالٽ ڪندڙن کي عبرت جو نشان بڻائينداسين. مختلف وفدن سان ملاقات ۾ پنجاب جي گورنر جو وڌيڪ چوڻ هو ته هر نياڻي جي حفاظت حڪومت جي ذميداري آهي. هن چيو ته  عورت سان لڄالٽ ڪرڻ وارا وحشي به دهشت گرد آهن، کين ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ٿو ڪري سگهجي.

ملڪ ۾ هر ڏينهن 8 کان وڌيڪ ٻارن سان جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۾ هلندڙ سال جي شروعاتي 6 مهينن دوران هر ڏينهن 8 کان  وڌيڪ ٻارن سان جنسي زيادتيءَ جو انڪشاف ٿيو آهي. پاڪستان ۾ ٻارن جو جنسي استحصال وڌندو پيو وڃي ۽ ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ غير سرڪاري تنظيم ان ڏس ۾ رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ هلندڙ سال جي شروعاتي 6 مهينن دوران هر ڏينهن 8 کان وڌيڪ ٻار زيادتي جو نشانو بڻيا ۽ سڀ کان وڌيڪ واقعا پنجاب صوبي ۾ پيش آيا آهن. رپورٽ ۾ جنوري کان جون دوران زيادتي جو نشانو بڻجندڙ ٻارن جا انگ اکر شامل ڪيا ويا آهن ۽ اهي انگ اکر 84 اخبارن ۾ ڇپيل خبرن تي ٻڌل آهن. رپورٽ ۾ چئني صوبن سان گڏوگڏ اسلام آباد، آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان کي به شامل ڪيو ويو آهي. غير سرڪاري اداري جي رپورٽ موجب شروعاتي 6 مهينن ۾ پاڪستان ۾ 497 ٻارن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ان عرصي دوران 227 ٻارن سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي. پاڪستان ۾ 6 مهينن دوران 173 ٻارن کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.