عورت سان زيادتي جي تصديق، جوابدار نه پڪڙيا، پنجاب سرڪار بلائنڊ ڪيس قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد/ لاهور (م ڊ) لاهور ۾ عورت سان زيادتي جي تصديق ٿي وئي پر جوابدار پڪڙ ۾ نه اچي سگهيا آهن. پنجاب پوليس ڪيس کي انڌو قرار ڏئي ڇڏيو، سي سي پي اڳ خلاف ڪارروائي کان به انڪار ڪيو ويو آهي. پوليس  ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽن کوجن، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن 5 ڪلوميٽر علائقي ۾ سرچ اينڊ سوئپ آپريشن ڪيو جنهن ۾ 20 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي جاچ ڪئي وئي جڏهن ته 7 ماڻهن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي وئي. پوليس جي ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته ايسٽرن باءِ پاس تي جنهن جاءِ تي عورت جي گاڏي بيٺل هئي اتي ڪا به رڪاوٽ نه هئي.. پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت لاهور موٽر وي واقعي تي سي سي پي او جي بيان کي نامناسب قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ۽ وڏو وزير ان مطالبي کان آگاهه آهن ته عمر شيخ کي لاٿو وڃي ۽ اهو انهن جو اختيار آهي ته انهن کي ڇا ڪرڻو آ. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي راجا بشارت چيو ته اهو هڪ اهڙو واقعو آهي، جنهن جو ڪو ثبوت ناهي، تنهن ڪري ان کي اڳتي کڻي هلنداسين، اهو ڪيس پنجاب حڪومت ۽ لاهور پوليس لاءِ چئلينج آهي، اصل جوابدارن تائين پهچي انهن کي سزا ڏياري ويندي. هن چيو ته فرانزڪ شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن، جنهن جي رپورٽ جلد اچي ويندي، متاثر عورت جو ميڊيڪل ٿي چڪو آهي ۽ ڊي اين اي به ورتو ويو آهي، اسان جو اصل مقصد اصل جوابدارن تائين پهچڻ آهي. سندس چوڻ هو ته عوام جي حفاظت اسان جي ذميواري آهي، حڪومت طرفان ڪنهن قسم جي ڪسر نه ڇڏي ويندي، جيترو عام عوام کي ڏُک پهتو آهي، ايترو ئي وڏي وزير ۽ صوبائي حڪومت کي به پهتو آهي. راجا بشارت چيو ته مان سي سي پي او جي بيان سان اتفاق نٿو ڪيان، هن مناسب بيان نه ڏنو، هن وقت اسان جو سڄو ڌيان جوابدارن جي گرفتاري تي آهي، هن وقت جيڪڏهن انتظامي معاملن ۾ وچڙنداسين ته اصل هدف حاصل نه ڪري سگهبو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.