اوپو  رينو 4 سيريز جا ٻه نوان فون متعارف

اوپو  رينو 4 سيريز جا ٻه موبائل فون متعارف ڪرايا آهن.

اوپو رينو 4 ۽ رينو 4 پرو کي هلندڙ سال جون  جي شروعات ۾ پيش ڪيا ويا هئا ۽ 3 مهينن کان پوءِ انهن کي پاڪستان ۾ متعارف ڪرايو ويو هو.

اوپو رينو 4 ۾ 6.43 انچ جڏهن ته رينو 4 پرو ۾ 6.55 انچ جي لڳ ڀڳ بيزل ليس ڊسپلي ڏني وئي آهي پر رينو 4 ۾ فليٽ جڏهن ته پرو ماڊل ۾ ڪرو ڊسپلي موجود آهي جڏهن ته ايڇ ڊي آر 10 پلس سپورٽ ۽ 90 هرٽز رفريش ريٽ به انهي ماڊل ۾ ڏنو ويو آهي.

ٻنهي فونز ۾ ڪوالڪوم سنيپ ڊراگون 765 جي بي پراسيسر سان گڏ 8 جي بي ريم ڏني وئي آهي پر رينو 4 ۾ 128 جي بي ۽ رينو 4 پرو ۾ 256 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي.

دلسچپ ڳالهه اها آهي ته رينو 3 سيريز ۾ به اهو ئي پراسيسر ڏنو ويو هو، پر نون فونز ۾ فنگر پرنٽ اسڪينر ڊسپلي جي اندر موجود آهي.

اوپو رينو 4 ۾ 4020 ايم اي اڇ جڏهن ته 4 پرو ۾ 4000 ايم اي ايڇ بيٽري ڏني وئي آهي، پر رينو 4 ۾30 واٽ وي او او سي فليش چارج 4.0 سپورٽ ڏني وئي آهي جڏهن ته 4 پرو ۾ 65 واٽ سپر وي او او سي 2.0 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ ڏني وئي آهي، جنهن بابت ڪمپني جي دعويٰ آهي ته رڳو 36 منٽن ۾ بيٽري مڪمل چارج ٿي سگھي ٿي.

حقيقت ۾ ڪمپني جي ته اها به دعويٰ آهي ته اهو پاڪستان ۾ سڀ کان تيز چارج ٿيندڙ فون آهي.

اوپو رينو 4 سيريز جي ٻنهي فونز جي پٺيان 4 ڪيمرائن جو سيٽ اپ ڏنو ويو آهي.

رينو 4 ۾ مين ڪيمرا 48 ميگا پڪسل جي آهي جڏهن ته 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ اينگل، 2 ميگا پڪسل مونو ۽ 2 ميگا پڪسل ميگرو ڪيمرا به ڊوائيس جو حصو آهن.

رينو 4 پرو ۾ به مين ڪيمرا 48 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 8 ميگا پڪسل وائيڊ اينگل، 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل مونو ڪيمرا ڏني وئي آهي.

رينو 4 جي اڳيان ڊوئل ڪيمرا سيٽ اپ پنچ هول ڊزائين ۾ ڏنو ويو آهي جنهن ۾ 32 ميگا پڪسل ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ ڪيمرا شامل آهي.

ان جي ڀيٽ ۾ رينو 4 پرو ۾ رڳو هڪ سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي جيڪا 32 ميگا پڪسل جي آهي.

اها فون 11 سيپٽمبر کان پاڪستان ۾ پري آرڊر دستياب هوندي جڏهن ته ان جي پهرين سيل 17 سيپٽمبر تي ٿيندي.

اوپو رينو 4 جي قيمت 59 هزار 999 رپيا آهي جڏهن ته اوپو رينو 4 پرو جي قيمت 84 هزار 999 رپيا رکي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.