برساتي ٻوڏ ۽ متاثر ماروئڙن جو درد

سنڌ ڌرتي هونئن ئي مصيبتن توڙي مسئلن ۾ گهيريل آهي، جتي وقت جي حڪمرانن جي ڪن لاٽار سبب سموري سنڌ مسلستان بڻيل آهي، روڊن، رستن جي تباھين سميت صحت، تعليم ۽ پيئڻ جي پاڻي جا مسئلا جيئن جو تيئن موجود آهن، اسان اگر سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جو ذڪر ڪنداسين ته اُتي پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ پ پ جي سياسي گيم سبب اُتان جا ماڻهو ڀوڳي رهيا آهن، ڪراچي کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪنهن به وسان ناهي گهٽايو، اسان ڳالھ ڪيون سنڌ جي ٻين ضلعن جي ته هرپاسي تباهيءَ جا منظر ڏسڻ ۾ ملن ٿا، پر هن وقت خاص ڪري سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ آس پاس ضلعن جي جيڪا صورتحال آهي، اُها تمام گهڻي گنڀير آهي، اُتي برساتي ٻوڏ ماڻهن کي دربدر ڪري ڇڏيو آهي، ميرپورخاص، ٽنڊوالهيار، سانگهڙ، بدين سميت ٻين ضلعن ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين سمورا فصل لوڙهي تباهه ڪيا، پر ماڻهن کي ٻوڏ به بي گهر ڪري ڇڏيو آهي، ڄاڻايل ضلعن ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين بعد بئراجي علائقن جا مارو ماڻهو پنهنجيون رڳو حياتيون بچائي نڪتا، ماڻهو پنهنجيون زندگي بچائيندي ٻچا کڻي ٿر ڏانهن نڪري پيا، جيڪي نئوڪوٽ قلعي، ڪلوئي، بدين، مٺي واري پاسي ڀٽن ۽ روڊن جي ڪنارن تي ويٺل آهن، هزارين پهتل خاندان حڪومتي سطح تي واهر نه ٿيڻ ڪري سخت دربدر ٿي ويا آهن، ٻوڏ جا ستايل خاندان پنهنجن معصوم ٻارڙن سميت روڊن تي کلي آسمان هيٺ ويٺل نظر اچن ٿا، اُنهن کي کاڌي پيتي سميت ڪا به سهولت ناهي، انتظاميا رڳو ڦوٽو سيشن تائين محدود آهي، هزارين خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، جيڪي دربدر هجڻ سان گڏ سخت مايوسي جو شڪار ٿي ويا آهن، نئوڪوٽ، ڪلوئي ۽ مٺي جي ڀرسان ترسيل خاندان جيڪي واهر نه ٿيڻ ڪري جتي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، اُتي معصوم ٻارڙن ۾ مختلف بيماريون به پکڙجي رهيون آهن، پر ميڊيڪل جون ڪٿي به ڪئمپون قائم ٿيل اسان کي نظر نٿيون اچن.

برساتي ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ٿرپارڪر ضلعي جي بئراجي علائقن جا سوين خاندان ضلعي انتظاميا جي نااهلي ۽ لاپراهي سبب ٿر جي ڀٽن تي کليل آسمان هيٺ بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن، انهن کي انتظاميا اڃان تائين تنبو ۽ راشن پهچائڻ جي زحمت به ناهي ڪئي، جنهن ڪري ٿر جا ٻوڏ متاثرين بي يارومددگار بڻيل آھن، نئون ڪوٽ قلعي ۽ نهٽي کان وٺي ڪلوئي ۽ ڪاجهر کان ويندي علي بندر تائين ٿر ضلعي جي بئراجي علائقن جا سوين خاندان گذريل هڪ هفتي کان سرڪاري اعلانيل امدادي راشن ۽ تنبوئن جي انتظار ۾ ويٺل آھن، مسلسل کاڌ خوراڪ، صاف پاڻي ۽ نٽھڻ اس ۾ ٻچن کي گرمي کان بچائڻ لاءِ تنبو وغيره نه ملڻ ڪري ٻوڏ متاثرن ۾ مختلف بيماريون پکڙجي ويون آھن، پر ضلع انتظاميا ڄاڻايل علائقن ۾ اڃا تائين ميڊيڪل ڪئمپ لڳائڻ جي پڻ زحمت نه ڪئي آھي، جنهن ڪري وڏي انساني المئي جنم وٺڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آھي.

سرڪاري رڪارڊ ۾ ڏيپلو شھر سميت ڪلوئي، نئون ڪوٽ قلعي سميت مختلف شھرن ۾ سرڪار طرفان هر روز برياني جون ديڳون متاثرن ۾ تقسيم ڏيکاريون پيون وڃن، پر متاثرن وٽ راشن صرف اين جي اوز ۽ مخير حضرات پهچائي رهيا آھن ۽ راشن جا ووچر وري ضلعي انتظاميا ٺاهي سرڪاري رقم کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي ڪم ۾ رڌل آھي، ٻوڏ متاثرن لاءِ رقم ۾ وڏي پئماني تي ٿيندڙ ڪرپشن جو سنڌ سرڪار جي لاڳاپيل اختيارين اڃان تائين ڪوبه نوٽيس نه ورتو آھي. ضلعي انتظاميا ٿرپارڪر کي پي ڊي ايم اي کان ضلعي جي ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ هزار تنبو ۽ 5 سئو راشن بيگس مليا هئا، جيڪي پڻ ٻوڏ متاثرن کي ڏيڻ بدران ڊي سي ٿرپارڪر جي حڪم تي مٺي جي مختلف سرڪاري گدامن ۾ رکيا ويا آھن.

ٻوڏ متاثر هڪ هفتي کان کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار بڻيل آهن، سنڌ سرڪار پاران اعلانيل تنبو ۽ راشن اڃان تائين کين ملي نه سگهيو آھي، جنهن ڪري انهن جا ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آھن ۽ بيماريون پکڙجي رهيون آھن، پر ٿرپارڪر جي ضلعي انتظاميه متاثرن جي واهر ناهي ڪئي، ڊي سي ٿرپارڪر رڳو فوٽو سيشن تائين محدود آھي ۽ سندس سرگرميون آفيس جي اي سي ڪمري تائين محدود آھن، ضلع انتظاميا متاثرن جي مدد ته پري جي ڳالهه پر ماڻهن کي ٿيل نقصان جي سروي ئي ناهي ڪرائي سگهي ۽ نہ ئي وري پاڻي نيڪالي ۽ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻون ڪيو ويو آهي.

هن وقت برساتي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي، ماڻهو بکن ۽ بيمارين وگهي بي سهارا ٿي مري رهيا آهن، انهن کي مدد جي ضرورت آهي، ٻيو نه پر ماڻهن کي رڳو کاڌي ۽ علاج جي سهولت ڏني وڃي ته جيئن هو هن مصيبت واري گهڙي کي منهن ڏئي سگهن، متاثر علائقن مان برساتي پاڻي جي نيڪال جو بندوبست ڪرڻ سميت ماڻهن کي رهائش لاءِ ٽينٽ ڏنا وڃن، سنڌ جي برسات متاثرن کي ننڌڻڪو نه ڪيو وڃي.

تحرير: غازي بجير

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.