هاڻي اسڪول کلڻ گهرجن | مقبول ملاح

ڪورونا وائرس جي وبا جتي دنيا کي معاشي طور تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي، اتي ٻارڙن جي تعليم کي به وڏو نقصان رسيو آهي، بلڪه ڏٺو وڃي ته سڀ کان وڌيڪ متاثر تعليم ئي ٿي آهي، پاڪستان ۾ جڏهن ڪورونا وائرس جي وبا داخل ٿي ته ٻارڙن جا امتحان هلي رهيا هئا يا ٿيڻ وارا هئا، اچانڪ وبا ڪري اسڪولن کي بند ڪيو ويو، ايتري تائين جو امتحانن جي تياري ڪندِڙ ٻارڙا ان ٻڏتر ۾ هئا ته امتحانن جي تياري ڪرڻ گهرجي يا نه.؟ بهرحال نيٺ اهو طئه ٿيو ته ٻارڙن کي بغير امتحان وٺڻ جي اڳئي ڪلاس ۾ شفٽ ڪيو ويندو، جيڪو مرحلو به مڪمل ٿيو ۽ يونيورسٽين ۾ داخل وٺندڙ شاگردن کي فرسٽ ايئر جي رزلٽ مطابق انٽري ٽيسٽ ۾ ويهاريو ويو.

اسڪول بند هجڻ دوران سڀ کان وڏو مسئلو فين جو به آيو، پرائيويٽ تعليمي ادارن سميت سنڌ جي ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ شاگردن توڙي والدين ان ڳالهه تي به احتجاج رڪارڊ ڪرايو ته جڏهن سڄي دنيا جو چرخو بند آهي، ادارن طرفان شاگردن کي فيون جمع ڪرائڻ لاءِ چالان ڇو موڪليا ويا آهن، ۽ احتجاجن فين جمع ڪرائڻ کان انڪار ڪيو ۽ انتظاميه جڏهن ڏٺو ته ڪير به فيون جمع ڪرائڻ لاءِ تيار ناهي ته آن لائين ڪلاس وٺڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو به اسان جي معاشري ۾ سهوليتون نه هجڻ ڪري ناڪام ويو، جڏهن ته پرائيويٽ اسڪولن توڙي ڪاليجن ۾ نه صرف آن لائين ڪلاس ورتا ويا، پر ٻارڙن کان ٽيسٽون به ورتيون ويون ته جيئن هو فيون حاصل ڪري سگهن، جيتوڻيڪ والدين ان سسٽم مان مطمئين نه هئا.

منهنجي هڪ دوست سان آن لائين ڪلاسن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته هن ٻڌايو ته سندس ڌي هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙهندي آهي ۽ کانئس آن لائين ڪلاس ورتا ويندا آهن، جڏهن ته سندس ٽيسٽ آهي، جنهن لاءِ چيو ويو آهي ته ٽيسٽ موبائل ذريعي نه پر ليپ ٽاپ يا ڪمپيوٽر ذريعي ورتي ويندي،  مجبورن هن ليپ ٽاپ ورتو آهي. ته جيئن سندس ڌي ٽيسٽ ڏئي سگهي، پر ٽيسٽ ٽن سيشنن ۾ ٿي، جنهن مان هوءَ صرف هڪ سيشن اٽينڊ ڪري سگهي، لوڊ شيڊنگ ۽ نيٽ جي سسٽم ڪري هوءَ ٻن سيشن ۾ ويهي نه سگهي. حيدرآباد ۾ ڪيترا پرائيويٽ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون آهن، جتي هزارن جي تعداد ۾ ٻارڙا پڙهن ٿا، ۽ ڪيترا ماڻهو هوندا جن وٽ ليپ ٽاپ موجود نه هوندو يا ڪيترا ماڻهو افورڊ ڪري سگهن ٿا.

بهرحال آن لائين ڪلاسن توڙي ٽيسٽ مان والدين مطمعين ڪون هئا. پر اسڪول انتظاميه فيون حاصل ڪرڻ لاءِ آن لائين ڪلاس شروع ڪيا. اسان جي ملڪ ۾ آن لائين ڪلاس ان ڪري به ناڪام ويا جو هتي هڪ ته انٽرنيٽ جي سهوليت محدود آهي، مٿان وري شهري علائقن ۾ لوڊ شيڊنگ 8 کان 10 ڪلاڪ، جڏهن ته ٻهرڙاري وارن علائقن ۾ 16 ڪلاڪن تائين بجلي بند رهي ٿي، هاڻي جيڪڏهن ڪو شاگرد ڪوشش ڪري به ها ته يقينن يا ته انٽرنيٽ جو مسئلو ٿئي ها يا وري لوڊ شيڊنگ جو.

بهرحال هاڻي هي وبا آخري پساهن ۾ آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارا 15 سيپٽمبر کان مرحلي وار کولڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ تعليمي ادارا کولڻ جي حوالي سان بين الصوبائي تعليم وارن وزيرن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تعليم واري وفاقي وزارت ۽ صوبن تعليمي ادارا کولڻ جي حوالي سان پنهنجون پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. جنهن بعد 15 سيپٽمبر کان تعليمي ادارن ۾ تدريسي عمل جو سلسلو بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ اتفاق ٿيو ته 15 سيپٽمبر کان اسڪولن ۾ نائين، ڏهين جون ڪلاسون، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون کلي وينديون. جڏهن ته پري پرائمري ۽ پرائمري ڪلاسون 30 سيپٽمبر کان شروع ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته ڇهين کان اٺين تائين ڪلاسون 23 سيپٽمبر کان شروع ٿينديون.  وفاقي وزير جو چوڻ هو ته سڀني تعليمي ادارن ۾ ڪورونا ايس او پيز لاڳو هونديون، مختلف تعليمي ادارن ۾ هر ٻن هفتن کانپوءِ ٽيسٽنگ ۽ اسريڪننگ ٿيندي.

حڪومت کي اهو به ڏسڻ گهرجي ته ڇهن مهينن تائين اسڪول بند رهيا، جنهن سبب ٻارڙن جي تعليم سخت متاثر ٿي آهي، جڏهن ته نئين تعليمي سال جي شروعات مارچ مهيني کان ٿيندي آهي  ۽ صرف 6 مهينا بچيا آهن، جنهن دوران شاگردن کي پڙهايو ۽ امتحان ورتو ويندو، تنهن ڪري نه صرف اسڪول انتظاميه، استادن توڙي شاگردن کي سخت محنت جي ضرورت آهي، ۽ حڪومت طرفان ماننٽرنگ جي به ضرورت آهي ته جيئن وڌيڪ تعليم متاثر نه ٿئي.

تحرير: مقبول ملاح

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.