وڏي درجي جي ٻوڏ جو خطرو آهي، ميڊيا سڄي سنڌ کي فوڪس ڪري: مراد علي شاهه

 

سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبي ۾ وڏي درجي جي ٻوڏ جي صورتحال آهي، اڪيلي سر منهن نٿا ڏئي سگهون، وفاق طرفان مدد جي سخت ضرورت آهي.

اهڙن خيالن جو اظهار وڏي وزير ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ سکر بئراج جي دوري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.

سيد مراد علي شاهه چيو ته 2010 ۾ سپر فلڊ آئي هئي، هن وقت اونچي درجي جي ٻوڏ جي صورتحال آهي، گڊو بئراج وٽ 5 لک ڪيوسڪ کان پاڻي وڌي ويو آهي، ٻن ڏينهن تائين سکر بئراج تائين اهو پاڻي پهچي ويندو، آبپاشي کاتي جي سمورن ملازمن کي موبيلائز ڪيو ويو آهي، بندن تي ڪم هلي پيو، وهڪرن جي حساب سان بندن تي مين پاور وڌايو پيو وڃي.

هن چيو ته گڊو کان ڪوٽڙي بئراج تائين وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جي نگراني ۾ ڪميٽيون جوڙيون آهن، جيڪي بندن جو معائنو ڪري رهيون آهن، تازو آيل طوفاني برساتن سبب اٽڪل سڄي سنڌ متاثر آهي، 20 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو آهي، دعا آهي ته درياهه جو پاڻي بنا ڪنهن نقصان جي سمنڊ ۾ هليو وڃي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندي، قومي سطح جي مصيبت کي اڪيلي سر منهن نٿا ڏئي سگهون، وفاقي حڪومت جي مدد جي سخت ضرورت آهي.

وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ به برسات سبب وڏو نقصان ٿيو آهي پر ميڊيا سنڌ جي ٻين علائقن کي به فوڪس ڪري، ميڊيا جي رڳو ڪراچي تي مهرباني آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.