”وزير اعظم جي پهرين اعلان ڪيل 162 ارب مان 162 رپيا به ڪراچي کي نه مليا“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته ڪراچي پيڪيج تي سياست نه ڪئي وڃي ته بهتر ٿيندو ان ۾ 750 ارب سنڌ حڪومت جو شيئر آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي کي ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪرڻ جو ڪير سوچي به ڪيئن ٿو سگهي، ڪراچي سنڌ جو حصو آهي، ڪو مذاق ناهي، صوبائي حڪومت ۽ سنڌ جا ادارا ئي ڪراچي کي هلائيندا، تازو ئي قائم ڪيل ڪميٽي جو انتظامي معاملن ۾ ڪو به ڪردار نه هوندو.

سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته وفاقي حڪومت گذريل پنج سالن کان ڪراچي کي نظر اندا ڪندي پئي اچي پر وفاق کي ڪراچي بابت ذميواري هاڻ نڀائڻي پوندي، وزير اعظم جي 2019ع ۾ اعلان ڪيل 162 ارب رپين مان 162 رپيا به ڪراچي کي نه مليا، ڪراچي پيڪيج تي الزام تراشي کان پاسو ڪرڻ گهرجي، وفاقي حڪومت ڪراچي بابت ڪيل اعلانن کي پڄاڻي تي پهچائي، ڪراچي پيڪيج ۾ 750 ارب سنڌ حڪومت جو شيئر آهي، ان تي سياست نه ڪئي وڃي ته بهتر ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.