عالمي ۽ مقامي مارڪيٽ ۾ سون جا اگهه لهي ويا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ سون جا اگهه گهٽجڻ کان پوءِ مقامي مارڪيٽ ۾ به معمولي گهٽتائي ٿي آهي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس 24 قيراط سون جو اگهه 6 ڊالر جي گهٽتائي سان 1927 ڊالر جي سطح تي پهچڻ سبب مقامي سونارا مارڪيٽن ۾ سومر تي في تولي ۽ 10 گرام سون جي قيمتن ۾ ترتيبوار 600 ۽ 515 رپين جي گهٽتائي ٿي.

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان، لاهور، فيصل آباد، اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي سونارا مارڪيٽن ۾ في تولي سون جو اگهه گهٽجي 115000 رپيا ۽ في 10 گرام سون جي قيمت گهٽجي 98594 رپيا ٿي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.