ميسيءَ جو بارسلونا ڪلب نه ڇڏڻ جو فيصلو

 

ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور فٽبالر ليونل ميسي اسپينش فٽبال ڪلب بارسلونا نه ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هن وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن نه هو.

ارجنٽينا سان واسطو رکندڙ ليونل ميسي گذريل هفتي بارسلونا ڪلب انتظاميا کي فيڪس موڪلي پنهنجي معاهدي ۾ شامل شق جو حوالو ڏيندي ڪلب ڇڏڻ جو مطالبو ڪيو هو پر هاڻ ميسي ان تاثر کي رد ڪندي چيو آهي ته هو ڪلب خلاف نه کيڏندو ۽ بارسلونا کي ڇڏي نه ويندو.

عالمي ميڊيا ۾ ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته بارسلونا سان ٿيندڙ معاهدي ۾ طئي ٿيو هو ته فٽبالر جڏهن چاهي ڪلب ڇڏي سگهي ٿو پر ڪلب جي خواهش کانسواءِ رڳو ان ئي صورت ۾ بارسلونا ڇڏي سگهي ٿو ته ڪو مخالف ڪلب ان جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ 700 ملين يورو جي وڏي رقم بارسلونا کي ادا ڪندو ۽ ڪنهن ٻئي ڪلب لاءِ ان شرط تي پورو لهڻ ممڪن ناهي، تنهن ڪري ميسي ان ئي ڪلب ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ليونل ميسي 2004 ۾ بارسلونا ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي، اهو سندس ڪيريئر جو واحد ڪلب آهي، جنهن سان هو لاڳيتو 20 سال سلهاڙيل رهيو آهي.

ارجنٽائن فٽبالر طرفان ڪلب نه ڇڏڻ جي فيصلي کي مداحن ڏاڍو طرفان ساراهيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.