ٺٽي ۾ ڀٽي برادري جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ٺٽو (ڊ ر) نواب شاھ ۾ بااثر وياجين طرفان بي دردي سان قتل ڪيل سوئي گيس ملازم محمود ڀٽي جي قتل ۽ گمس جي باني ۽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي جي آفيس تي حملي ۽ ڀڄ ڊاھ خلاف ٺٽو ۾ سنڌ ڀٽي برادري تنظيم ٺٽو طرفان ضلعي صدر شبير ڀٽي، جنرل سيڪريٽري رسول بخش ڀٽي، وڏيرو الھڏنو ڀٽي، وڏيرو عبدالواحد ڀٽي، ھاشم ڀٽي ۽ ساجد ڀٽي جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن ايڌي سينٽر کان پريس ڪلب ٺٽو تائين احتجاجي مظاھرو ڪري شديد نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته  ھفتو اڳ نوابشاھ ۾  وياج جا پئسا  نه  ڏيڻ تي سوئي گيس جي ملازم  محمود ڀٽي کي کنڀي شديد تشدد ڪري بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو پر جوابدار بااثر ھئڻ ڪري پوليس گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناھي،  ھنن وڌيڪ چيو ته گمبٽ ۾  گمس جي باني ۽ ڊائريڪٽر ميسحا انسان ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي جي آفيس تي   حملو ڪري ڀڄ ڊاھ  ڪري  ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف کي مارڪٽ ڪئي وئي، جنهن جي مذمت ڪيون ٿا، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري ڀٽي برادري سان ناانصافيون بند ڪيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.