نيشنل پارٽي صحبتپور جي صدر جي گرفتاري جي مذمت

پنهور سنهڙي (ن ع آ) نيشنل پارٽي جي ضلعي صدر جي بلاجواز گرفتاري, اپوزيشن پارٽين ۾ تاءُ پکڙيل , اجلاس گهرائي اهم فيصلا ڪيا ويا خبر موجب ڪجه ڏينهن اڳ نيشنل پارٽي صحبت پور جي ضلعي صدر مير دوران خان کوسو کي پنهور سنهڙي پوليس بلاجواز گرفتار ڪيو هو جنهن عمل خلاف گڏيل اپوزيشن پارٽين ۾ سخت تاءُ پکڙيل آهي ۽ مير دوران خان کوسو جي گرفتاري خلاف اهم اجلاس منعقد ڪيو ويو اجلاس ۾ پيپلزپارٽي, نيشنل پارٽي, تحريڪ انصاف,  سميت ٻين پارٽين شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ڳالهائيندي پارٽي جي اڳواڻن چيو ته بااثر جي اشارن تي قبائلي اڳواڻ کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا .هنن چيو ته هو اهڙن حرڪتن منجهان مرغوب نه ٿيندا مخالف پنهنجو قبلو درست ڪن , هنن چيو ته  سياست ڪرڻ سڀني جو جمهوري حق آهي پر پوليس گردي جهڙا هٿڪنڊا سندن کي رستي کان هٽائي نه سگهندا اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 2 سيپٽيمبر تي مير دوران خان کوسو جي گرفتاري خلاف شٽر بند هڙتال ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.