سائوٿمپٽن ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن به برسات، ميچ ڊرا ٿيڻ جو امڪان

 

سائوٿمپٽن (ويب ڊيسڪ) سائوٿمپٽن ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن مسلسل برسات ۽ خراب روشني سبب هڪ اوور جي راند به نه ٿي سگهي، جنهن سبب ميچ ڊرا ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن.

انگلينڊ خلاف سائوٿمپٽن ٽيسٽ جي ٻئي راند جي پڄاڻي تائين پاڪستان 9 وڪيٽن جي نقصان تي 223 رنسون ٺاهيون هيون ۽ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان 60 رنسن سان ڪريز تي موجود آهي.

سائوٿمپٽن ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن به برسات ۽ خراب روشني سبب راند دير سان شروع ٿي هئي ۽ پاڪستان 5 وڪيٽن جي نقصان تي 126 رنسن کان پنهنجي رهيل اننگز شروع ڪئي ته بابر اعظم 47 رنسون ٺاهي اسٽيوٽ براڊ جو شڪار ٿي ويو هو.

ياسر شاهه 5، محمد عباس 2 ۽ شاهين آفريدي کاتو کولڻ بنا پويلين ويا پر محمد رضوان انگلش بالرن جو ڄمي مقابلو ڪندي ففٽي مڪمل ڪئي هئي.

سائوٿمپٽن ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن رڳو 40.2 اوورن جي راند ٿي سگهي هئي ۽ پاڪستان 9 وڪيٽن جي نقصان تي 223 رنسون ٺاهيون هيون.

واضح رهي ته ٽن ميچن جي سيريز ۾ انگلينڊ کي 0-1 جي سرسي حاصل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.