پ پ هميشه عوامي مسئلن جي حل تي ڌيان ڏنو، عمران ڪراچي کي ڪجهه به نه ڏئي سگهيو،: بلاول ڀٽو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته هن جي پارٽي هميشه عوامي مسئلن جي حل تي ڌيان ڏنو ۽ ڪراچي جي عوام کي پيپلز اسڪوائر جهڙا هر جاءِ تي منصوبا ٺاهينداسين ۽ مسئلا گهٽ ڪنداسين.

بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ پيپلز اسڪوائر جي افتتاحي تقريب ۾ يوم آزادي جون واڌيون ڏيندي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ اسان ڪراچي ۾ خاص يوم آزادي ملهائي رهيا آهيون ۽ منصوبن جو افتتاح پيا ڪيون.

سندس چوڻ هو ته آئون سمجهان ٿو ته هي منصوبو ڪراچي ۽ ڪراچي جي گورننس، عوام جي مسئلن ۾ گهٽتائي لاءِ هڪ انقلاب جي شروعات آهي.

هن چيو ته اسان کي جڏهن به موقعو مليو ته پنهنجي حق لاءِ جدوجهد ڪنداسين پر اسان پنهنجي گهٽ وسيلن مان ٻيا ڪم ڪڍي ڇڏيا، عوام جي مسئلن جو حل وري به ڪڍون ٿا.

منصوبن لاءِ قرض ورتو:

هن چيو ته سنڌ حڪومت ان منصوبي ۾ ورلڊ بينڪ کان ڳرو قرض ورتو آهي پر وفاقي حڪومت کان ناهي مليو، اسان ورلڊ بينڪ سان گڏ خاص ڪري عوامي ماڳن تي سيڙپڪاري ڪري رهيا آهيون.

بلاول ڀٽو چيو ته ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم جو منصوبو آهي ۽ هي سڀ کان پهريون عوامي ماڳ ۽ پيپلز اسڪوائر بڻايو آهي، عوامي ماڳ هر معاشري جي لاءِ ضروري آهن ۽ دنيا ۾ وڏن شهرن ۾ عوامي ماڳن کي استعمال ڪيو ويندو آهي.

پيپلز اسڪوائر تي ڳالهائيندي هن چيو ته هي منصوبو به ڪراچي جي لاءِ موجود آهي ۽ هيٺ پارڪنگ جي سهولت آهي، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سڄي صوبي جو عوام ايندو آهي، ڀرسان ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ ثقافتي مرڪز آرٽس ڪونسل به گڏ آهي.

سندس چوڻ هو ته سيوريج، اسٽوريج ۽ يوٽيلٽي نظام کي زمين هيٺ ڪيو آهي ۽ ان سان هتي جي عوام کي فائدو ٿيندو ۽ هي چوماسي ۾ به فائديمند ثابت ٿيندو.

سندس چوڻ هو ته هي پهريون منصوبي جو پهريون مرحلو آهي، ان کان پوءِ ٻئي مرحلي ۾ سنڌ حڪومت ورلڊ بينڪ سان گڏ ٻين علائقن ۾ به ڪم ڪندي.

هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته ڪراچي ترقي ڪندو ته نه رڳو صوبو سنڌ پر سڄو پاڪستان ترقي ڪندو پر مسئلا ۽ ڏکيائيون موجود آهن.

بلاول ڀٽو چيو ته اسان فنڊن جو بندوبست پاڻ ڪندا آهيون ۽ سنڌ روينيو بورڊ ڪورونا وائرس جي دوران به پنهنجن هدفن کي حاصل ڪري ورتو پر فيڊرل بورڊ آف روينيو ناڪام رهندو آهي پر اسان چاهيون ٿا ته مقامي حڪومت به پنهنجي روينيو ۾ واڌ ڪري.

هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي راڄڌاني ۽ ان جي عوام سان مخلص آهي، ذمو ڪنهن جو به هجي پر اسان نمائندا بڻجي مسئلا حل ڪنداسين ڇو ته اسان کي خبر آهي ته هڪ بيان سان ڪم نه ٿيندو پر محنت ڪرڻي پوندي.

پ پ چيئرمين چيو ته ڪراچي جي وڏن مسئلن جو حل گڏجي ۽ آهستي آهستي ڪڍي سگهون ٿا ڇو ته پ پ کي اُهو ڪراچي مليو هو ۽ پوري دنيا جا دهشتگرد هتي ڪم ڪندا هئا ۽ مقامي ٺڳن جو به هڪ ڪردار هو.

هن چيو ته ڪراچي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس دهشتگردي جي خلاف سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن ۽ هتي جي شهرين رت جي قرباني ڏئي روشنيون بحال ڪيون آهن ۽ هاڻ اهڙو ماحول پيدا ٿي رهيو آهي جو منصوبا شروع ٿين.

بلاول چيو ته اسان مقامي حڪومت جي مينڊيٽ جو احترام ڪيون ٿا، اسان جو واحد صوبو آهي جتي انهيءَ مهيني ۾ مقامي حڪومت جو مدو پورو ٿيندو جيڪا تاريخ آهي.

سندس چوڻ هو ته پيپلز جو تحمل  هو جو صوبي جي راڄڌاني ۾ مينڊيٽ جو حق مخالف ڌر کي ڏئي ڇڏيو جيئن عمران خان پنجاب ۾ لوڪل گورنمنٽ کي ختم ڪيو پر اسان ائين ناهي ڪيو.

چيئرمين چيو ته عمران خان جي حڪومت ڪراچي جي عوام سان ايترا واعدا ڪيا پر هڪ واعدو به پورو نه ڪيو، هڪ نوڪري نه ڏني ۽ نه ئي هتي 50 لک گهر بڻايا ويا.

ڪراچي ۾ منصوبن جو عزم ورجائيندي هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي لاءِ هڪ به نئون ناهي آندو پر اسان اڄ کان شروع ڪري رهيا آهيون ۽ شهر ۾ ورلڊ بينڪ سان گڏجي منصوبن جو پهريون مرحلو آهي. پوءِ هر ضلعي ۾ پيپلز اسڪوائر بڻجندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.