سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ آزادي جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

عوامي آواز رپورٽ
سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ آزادي جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو
عوامي آواز رپورٽسنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ آزادي جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

ميرپورخاص ۾ جي ڪمشنر ڪامپليڪس ۾ 73 هين جشن آزادي جي سلسلي ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جتي اسڪولي ٻارن قومي ويس پهري شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ ٻارن قومي گيتن تي جهمرتيون هنيون، جڏهن ته ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا، شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ تقريري مقابلو پڻ ٿيو

گمبٽ جي مختلف نجي ۽ سرڪاري  اسڪولن ۾ رنگا رنگ تقريبون ڪوٺايون ويون، جتي شاگردن ۽ شاگردياڻين ملي نغما ۽ مختلف ٽيبلوز پيش ڪيا ويا.

ڪيڪ ڪاٽڻ بعد ريليون پڻ ڪڍيون ويون، جتي پاڪستان زنده باد جا نعرا گونجندا رهيا.

ڪنڊيارو جي ٽائون انتظاميا پاران قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب ڪوٺائي، جنهن ۾ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.

شھر ۾ آل پاڪستان قريشي اتحاد پاران پاڪستان زندهه آباد ريلي ڪڍي وئي.

سڪرنڊ ۾ مختلف تقريبون ڪوٺائي قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويا، جنهن بعد مختلف ڌرين طرفان ريليون ڪڍيون ويون.

ڳڙھي خيري ۾ مختلف سياسي سماجي مذھبي تنظيمن پاران ريليون ڪڍيون ويون، جڏهن ته پريس ڪلب ۾ ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.

داد لغاري ۾ مختلف تنطيمن طرفان ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون، پريس ڪلب چوڪ تي شاگردن قومي گيتن تي رقص ڪندي ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا.

ڪوٽ غلام محمد ۾ مختلف ڌرين ۽ شهرين ريلي ڪڍي، جنهن دوران پاڪستان زنده باد، پاڪ فوج زنده باد ۽ ڪشمير بني گا پاڪستان جا زوردار نعرا هنيا ويا.

ميري خان ۾ سرڪاري آفيسن توڙي خانگي اسڪولن ۾ ڌار ڌار تقريبون ڪوٺائڻ بعد ريليون ڪڍيون ويون.

ساماري جي يونين ڪائونسل آفيس ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جتي قومي جهڊو ڦڙڪائي ملڪ ۽ قوم لاءِ دعائون گهريون ويون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.