سنڌ ۾ شاگردن سان بيوا جبين خلاف لاڙڪاڻي ۾ شاگرد تحريڪ جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي طرفان سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ، فيسن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ، ڪورونا وبا سبب يونيورسٽين جي سالياني فيس معاف نه ڪرڻ، يونيورسٽين ۾ ماسٽرس توڙي بيچلرز پروگرام لاءِ ھر ضلعي ۾ انٽري ٽيسٽ نه ڪرائڻ،  سنڌ جي لا ڪاليجن ڪاليجن ۾ بهتر سيميسٽر پاليسي ترتيب نه ڏيڻ، سر شاهنواز لائبريري سميت سنڌ جون لائبريريون نه کولرائڻ، سنڌ جي هر تعلقي ۾ لائبريريون قائم نه ڪرڻ ۽ ڪاليج ۽ اسڪول سطح تائين سيميسٽر سسٽم نه آڻڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي  مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جتي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن هٿن ۾ پارٽي جهنڊا، بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ  جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر، عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر حاجي علي حسن وڪو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري عاطف ملاح، حميد انقلابي، علي گوهر جتوئي، علي رضا جلباڻي، اعتزاز گائينچو، نويد عباس ڪلھوڙو، سرفراز وڪو، تنوير مگسي، فھد لانگاهه، شڪيب نواز نوناري، ڪاظم ڪٽوھر، فياض گائينچو، شاھد مستوئي، علي شر ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي سڀني تعلقن ۾ لائبريريون ڏنيو وڃن ۽ يونيورسٽين جون ضلعي سطح تي انٽري ٽيسٽس ڪرايون وڃن، سنڌ توڙي وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين سبب ڪورونا وبا جي ڪري لکين ماڻھون بيروزگار ڪيا ويا آھن اھي روزگار ۽ ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان آھن اھڙي صورتحال ۾ اڪثر والدين پنھنجي اولاد جي في نٿا جمع ڪرائي سگھن، انھن شاگردن جا آن لائين فارم نه ڀري امتحان ڏيڻ کان محروم ڪيو پيو وڃي جنھن سان يونيورسٽي انتظاميه جون تعليم دشمن پاليسيون واضع ٿي ويون آھن. هنن چيو ته لائبريريون ترقي پسند سماج جو بنياد هونديون آھن، مھذب ۽ پڙھيل لکيل معاشرن ۾ لائبرريون هونديون آھن پر اسان جي سماج جو افسوسناڪ الميو اِهو آھي جو شھر ته ٺھيو تعلقه به لائبريرين کان محروم آھن نتيجي طور شاگرد اسڪولن کان بعد فارغ وقت ۾ فضول راندين ۾ وقت وڃائن پيا پر سنڌي شاگرد تحريڪ سنڌ جي شاگردن  کي  پنهنجي نصاب ۽ غيرتدريسي علم ۾  ڀڙ ڏسڻ چاهي ٿي ۽ سنڌ سرڪار کان مطالبو ٿي ڪري ته شاگردن جا مطالبا مڃي انهن جو مستقبل تباهه ڪرڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.