ٽنڊي غلام حيدر ڀرسان حادثو، 3 ڄڻا زخمي

ٽنڊوغلام حيدر (ن ع آ) ٽنڊي غلام حيدر ڀرسان متارو بس اسٽاپ وٽ تيز رفتار موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ لياقت علي چانڊيو، لکو بجاڻي، لکو پٽ موهن بچاڻي سخت زخمي ٿي پيا، اطلاع تي حد جي متارو پوليس حادثي واري هنڌ پهچي زخمين کي ٽنڊي غلام حيدر سرڪاري اسپتال آندو جتي سمورين زخمين کي ڊاڪٽرن طرفان طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد سيول اسپتال اماڻي ڇڏيو.

گهوٽڪي لڳ ڀٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڌر جو احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي سڱاوتي تڪرار تان ڀٽي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، متاثر ڌر جو ٿاڻي آڏو احتجاج، خبر موجب گهوٽڪي ۾ ڀٽي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، متاثر ڌر جي ماڻهن شوڪت ڀٽي حنيف ڀٽي نجما ڀٽي ۽ ٻين ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته ڪجھ عرصو پهرين اسان پنهنجي برادري جي الله ورايو ڀٽي ۽ حنيف ڀٽي وارن سان وٽي سٽي جو رشتو ڪيو سين بعد ۾ اهي پنهنجي ڇوڪري وٺي ويا ۽ اسان جي ڇوڪري اسان سان ملڻ به نه ڏيندا رهيا، اهڙي درخواست اسان ايس ايس پي گهوٽڪي کي ڏني جنهن تي پوليس ايڪشن ورتو ته مخالف ڌر اسان تي ڏمرجي پئي ، انهن مطالبو ڪيو ته اسان جي جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.