وفاقي حڪومت کي الزام هڻڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي ايندو: مرتضيٰ وهاب

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وفاقي حڪومت کي الزام هڻڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي ايندو، نااهل حڪومت اٽي جو بحران پيدا ڪري مافياز کي فائدو پهچائڻ چاهي ٿي.

وفاقي وزير شبلي فراز جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ حڪومت اڳ ئي نااهلن جي ناڪام حڪمت عملي جي نشاندهي ڪري چڪي آهي ته اهي کنڊ کانپوءِ ڪڻڪ بحران پيدا ڪري مافياز کي سپورٽ ڪندا، جيڪي انهن جا پنهنجا آهن.

هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي پيداوار جو هدف حاصل ڪيو، اٽي جي اگهن ۾ اضافي جو سنڌ حڪومت تي الزام هڻڻ پي ٽي آءِ وارن جو حربو آهي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي اگهن ۾ استحڪام آهي، جن صوبن ۾ توهان جي حڪومت آهي، اتي جيڪڏهن اٽي ۽ ڪڻڪ جو بحران آهي ته ان جا جوابدار به توهان پاڻ ئي آهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.