کپرو: ڀيل برادري پاران بااثرن جي زيادتي خلاف احتجاج

کپرو ويجهو ڀيل برادري پاران بااثرن جي زيادتي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

آتم ڀيل، رامچند، رمون ۽ ٻين چيو ته بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاج ڪرڻ تي پوليس هٿان سندن ماڻهن کي بي گناهه گرفتار ڪيو ويو، هاڻ ڪوڙن ڪيسن جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.

هنن چيو سول جج ٿاڻي تي ڇاپو هنيو پر پوليس اڳ ئي نوجوانن کي اتان گم ڪري ڇڏيو.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته بااثر عثمان مهر، اکبر گجو، اسلم ۽ ٻين جي ڏاڍ جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

رپورٽ – عبدالرزاق راجپوت

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.