پير جو ڳوٺ: شفا فائونڊيشن پاران ٻار کي ماءُ جي ٿڃ پيارڻ بابت سيمينار

پير جو ڳوٺ  ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيس ۾ شفا فائونڊيشن پاران  ٻار کي ماءُ جي ٿڃ پيارڻ جو عالمي هفتو ملهائڻ بابت سيمينار ٿي گذريو.

سيمينار ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي، ھيلٿ ڊاڪٽر محمد حسين ابڙي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.

سيمينار کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر محمد حسين ابڙي,  محمد يعقوب وساڻ  ۽ ٻين چيو ته   ماءُ جي ٿڃ جي بابت پاڻ سڳورن فرمايو ته ٻار کي ٻن سالن تائين ٿڃ پيئارجي.

هنن چيو ته ماءُ جو کير ٻار لاءِ ملٽي ويڪسينز ل جيان آهي جيڪو ٻار کي مختلف بيمارين کان محفوظ رکي وآڌ ويجھ ۾ پڻ واڌ ڪري ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.