ويڊيو اسڪينڊل: نواز شريف کي سزا ٻڌائيندڙ جج ارشد ملڪ جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي سزا ٻڌائيندڙ احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ کي عهدي تان لاهڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

 ياد رهي ته لاهور هاءِڪورٽ جي انتظامي ڪميٽي 3 جولاءِ تي ويڊيو اسڪينڊل ۾ ملوث احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ کي ٻڌڻ کان پوءِ هن کي نوڪري تان لاهڻ جو فيصلو ٻڌايو هو.

ارشد ملڪ کي لاهڻ وارو نوٽيفڪيشن لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار سردار بهادر علي جاري ڪيو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب ويڊيو اسڪينڊل سامهون اچڻ کان پوءِ ارشد ملڪ انڪوائري ۾ ڏوهاري ٿيو، هو وڏي ڏوهه ذميوار ٿيو ۽ وڏي ڏوهه تي وڌ ۾ وڌ هن کي سزا طور نوڪري مان ڪڍي سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.